Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

هتي هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو: الله پاڪ فرمايو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! توهان جي رب توهان کي نه ڇڏيو. سوال هي آهي ته ڪڏهن نه ڇڏيو ۽ ڪڏهن کان نه ڇڏيو؟ مفسرينِ ڪرام ان جو جواب ڏنو، فرمائن ٿا: ”مُنْذُ اِخْتَارَکَ“ يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! جڏهن کان توهان جي رب توهان کي اختيار ڪيو آهي (يعني محبوب بڻايو آهي)، تڏهن کان (وٺي هينئر تائين ڪنهن ڏينهن، ڪنهن وقت، ڪنهن لمحي) توهان جي رب توهان کي نه ڇڏيو آهي.)[1](

يعني اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! هي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ وحي رڪجي وئي هئي ته ڪافرن ان مان غلط نتيجا ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا، اهي سمجهي ويا ته توهان جي رب توهان کي ڇڏي ڏنو آهي، پر اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! هي انهن جي ناداني (Foolishness) آهي، حماقت آهي، توهان جو شان ته هي آهي جو جڏهن کان توهان جي رب توهان کي پيدا ڪيو، ان وقت کان ئي توهان کي پنهنجو محبوب بڻايو آهي ۽ تڏهن کان وٺي هينئر تائين توهان هر هر لمحو پنهنجي ربِ ڪريم جي حفاظت ۽ نگهداشت ۾ آهيون، توهان جي ربِ ذيشان جي نظرِ عنايت هڪ لمحي لاءِ به توهان کان جدا ناهي ٿي.

نُورِ مصطفيٰ جي حفاظت جا انداز

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي ٿورو هي غور فرمايو! الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي ڪڏهن کان پنهنجو محبوب بڻايو آهي؟ ان وقت کان جڏهن کان کين پيدا فرمايو آهي ۽ پيدا ڪڏهن فرمايو؟ حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَوَّلُ مَاخَلَقَ اللهُ نُوْرِي (يعني جڏهن هي زمين به نه هئي، آسمان به نه هو، انسان، جن، فرشتا ڪجهه به موجود نه هو، صرف الله پاڪ هو) الله پاڪ سڀ کان پهريان منهنجي نور کي پيدا فرمايو.)[2]( هي هزارين لکين سالن جو عرصو


 

 



[1]...تفسیرِ بغوی،پارہ:30،الضحٰی،زیرِ آیت:3،جلد:4،صفحہ:632۔              

[2]... مطالع المسرات ، الحزب الثانی فی یوم الثلاثاء،صفحہ:225۔