Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

ته حضرت حليمه سعديه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: مون ماهِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي گود ۾ کنيو، سندن امڙ جان حضرت آمنه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا کي الوداع چيو، پنهنجي ڏاچيءَ تي سوار ٿيس ته ڏاچي پنهنجو منهن ڪعبه شريف ڏانهن ڪيو، ٽي سجدا ڪيا، پوءِ پنهنجي رستي تي هلي پئي.

اللهُ اَڪْبَر! هي اها ئي ڏاچي هئي جيڪا گهڻي ڏٻري ۽ ڪمزور (Weak) هئي، جڏهن سيده حليمه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا مڪي پاڪ اچي رهي هئي ته اها ڏاچي سڀني کان پوئتي پوئتي هئي، هلي ئي نه پئي سگهي پر هاڻي ان جو شان نرالو هو، اها ئي ڏٻري ۽ ڪمزور ڏاچي هاڻي سڀني کان اڳتي اڳتي هلي رهي هئي. ٻين عورتن سيده حليمه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا کان پڇيو: اي حليمه! ڇا هي اها ئي ڏاچي آهي؟ ان جو شان عجيب آهي. سيده حليمه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: مون ٻڌو ته ڏاچي ڳالهائي چئي رهي هئي: وَاللهِ اِنَّ لِي لَشَانًا ثُمَّ شَاْنًا بَعَثَنِيَ اللهُ بَعْدَ مَوْتِي الله پاڪ جو قسم! اڄ منهنجي وڏي شان آهي، پوءِ وڏي ئي شان آهي، اڄ ربِ قدير مون کي موت کانپوءِ زندگي عطا ڪئي آهي.)[1](

سيده حليمه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: رستي ۾ هڪ هنڌ تي مون ڏٺو، 40 غير مسلم (Non-Muslims) گڏ هئا، انهن وٽ اگهاڙيون تلوارون هيون ۽ محمد   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئا، جڏهن انهن آمنه جي لال، رسولِ بي مثال صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي ڏٺو ته چيائون: وَیْحَکُمْ ہٰذَا ہُوَ الْغُلَام فَاقْتُلُوْہُ توهان جو برو ٿئي، هي اهو ئي آهي، هن کي قتل ڪري ڇڏيو! (مَعَاذَالله)! سيده حليمه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: انهن جي هي ڳالهه ٻڌي منهنجي واتان بي اختيار نڪتو: وَامُحَمَّداہ! افسوس...!! مُحَمَّد! بس منهنجي زبان مان ايترو نڪرڻ جي دير هئي محبوبِ خدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم پنهنجون مبارڪ اکيون


 

 



[1]... البلبل الصادی،مولد الشیخ   عقیل افندی،  صفحہ:188-189خلاصۃً۔