Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

مبارڪ نور جڏهن حضرت شيث عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي مبارڪ پيشانيءَ ۾ چمڪيو ته کين هر ميدان ۾ فتح عطا ڪئي وئي* پوءِ اهو ئي نور مبارڪ جڏهن حضرت نُوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي پيشانيءَ ۾ روشن ٿيو ته طوفانِ نُوح سان سڄي دنيا غرق ڪئي وئي پر حضرت نُوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ۽ سندن ساٿين (Companions) کي ٻيڙيءَ جي ذريعي محفوظ رکيو ويو* پوءِ اهو ئي نور مبارڪ جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلام جي مبارڪ پيشانيءَ ۾ چمڪيو ته کين نمرود جي باهه (يعني نمرود جي ٻاريل ان وڏي باهه) کان محفوظ رکيو ويو ۽ باهه کي گلزار بڻايو ويو* پوءِ اهو ئي نور مبارڪ جڏهن حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي مبارڪ پيشانيءَ ۾ چمڪيو ته سندن فديي ۾ جنتي گِهيٽو  (Lamb)آندو ويو، مطلب ته منهنجي آقا جو پيارو پيارو مبارڪ نور جڏهن کان تخليق ٿيو، هر هر لمحي ان جي حفاظت (Protection) ڪئي وئي، ان مبارڪ نور تي رحمت ۽ عنايتن جي بارش وسندي رهي، ايتري تائين جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ظاهري دنيا ۾ جلوه گر ٿيا.

محبوب ہو تم خالقِ کل، مالِکِ کل کے                    کیوں خلق پہ قبضہ نہ ہو سرکار تمہارا

تم پیارے نبی نُورِ جلی، سِرِّ خفی ہو                           اللہ تَعَالیٰ ہے  خبردار  تمہارا([1])

وضاحت: اي پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان هر شيءِ جي خالق، هر شيءِ جي مالڪ الله ڪريم جا محبوب آهيو، پوءِ توهان جو سڄي مخلوق تي قبضو ڇو نه هوندو...؟ توهان روشن نور، هڪ لڪيل راز آهيو، الله پاڪ ئي آهي جيڪو توهان جي خبرچار لهندڙ، توهان جي حقيقت کي پوريءَ طرح ڄاڻيندڙ ۽ توهان کي پنهنجي رحمت جي ڇانوَ ۾ رکندڙ آهي.

گستاخن تي باهه وسي پئي

پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي ننڍپڻ (Childhood) جي ڳالهه آهي، جڏهن سندن دائي صاحبه سيده حليمه سعديه رَضِيَ اللهُ عَنْهَا مڪه مڪرمه حاضر ٿي، سيدِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي پنهنجي خدمت لاءِ قبول فرمايو


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:46-47 ملتقطًا۔