Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
پيارا اسلامي ڀائرو! هتان کان محبتِ مصطفيٰ جي فضيلت (Importance) به معلوم ٿي وئي، عشق ۽ محبت جي سبب بارگاھِ رسالت ۾ حاضري لاءِ تڙپڻ ۽ مديني پاڪ بار بار حاضر ٿيڻ جي فضيلت به معلوم ٿي وئي ته حضرت جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم محبت ڪن، بار بار پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿين ته اهڙيون ڪرم نوازيون ٿينديون آهن جو اسان غلام حاضر ٿيون، اسان مديني جي ياد ۾ تڙپون، اسان پنهنجي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سان محبت ڪيون، سندن سنتن تي عمل ڪريون ته ڇا اسان محروم رهجي وينداسين؟ جيتوڻيڪ اسان گنهگار آهيون، اسان ناقص آهيون، بيڪار آهيون، حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي ته راهه گذر جي ويجهو به ناهيون پر
شانِ کرم کو اچھے بُرے سے غرض نہیں اس کو سبھی پسند ہیں، اس کو سبھی عزیز([1])
الله پاڪ اسان کي محبتِ مصطفيٰ نصيب فرمائي، ڪاش! مديني جي يادن ۾ تڙپڻ نصيب ٿي وڃي، ڪاش! بار بار طيبه جي حاضري جي سعادت ملي وڃي ۽ ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! سنهري ڄاريون هجن، گنبدِ خضراء جو رحمت ڀريو پاڇو هجي، چپن تي درود ۽ سلام جا نغما هجن، اهڙي حالت ۾ دم نڪري، لاش تڙپي ۽ مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي قدمن ۾ ڪري روح پرواز ڪري وڃي.
مدینے جائیں، پِھر آئیں، دوبارہ پِھر جائیں اسی میں عمر گزر جائے یاخُدا یارَبّ!
مرا ہو گنبدِ خضرا کی ٹھنڈی چھاؤں میں رسولِ پاک کے قدموں میں خاتمہ یارَبّ! ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو: