Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

حضرت مُحَمَّد صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن جي باري ۾ کانئن معلومات (Information) حاصل ڪن.

اهي ماڻهو مديني منوره پهتا، اتي رهندڙ يهودين کان ان جي باري ۾ معلومات ورتائون ته هنن مڪي وارن کي ڪجهه سوال ٻڌايا ۽ چيو: حضرت مُحَمَّد  صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن کان اهي سوال پڇو، جيڪڏهن اهي اسان جي ٻڌايل جواب مطابق جواب ڏين ته سمجهي وڃجو ته اهي سچا نبي آهن.

يهودي عالمن جي ڳالهه ٻڌي اهي ٻئي شخص واپس اچي ويا. هاڻي مڪي جي ڪافرن کي هڪ وڏي واضح سڃاڻپ ملي وئي هئي، هنن اهي سوال پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيا! ان موقعي تي الله پاڪ سورت ڪهف ۽ سورت بني اسرائيل جون ڪجهه آيتون نازل فرمايون.([1])

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! مڪي جا ڪافر پنهنجي طور تي رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن جو امتحان وٺي رهيا هئا، الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن جي تائيد فرمائي ۽ وحي نازل ڪري اهو واضح ڪري ڇڏيو ته محبوبِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سچا نبي آهن. هي صرف هڪ موقعو ناهي، توهان تفسير صراط الجنان جي مدد سان تمام قرآني آيتن جا شانِ نزول گڏ ڪريو! انهن کي پڙهو! خبر پوندي ته       اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هر هر موقعي تي الله پاڪ قرآني آيتون نازل فرمائي پنهنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن جي تائيد ۽ مدد فرمائي آهي.

خير! هي هڪ خوبصورت آيتِ ڪريمه آهي:

مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳)       (سيپارو: 30، والضُّحيٰ: 3)

ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو نه ناپسند ڪيو.


 

 



[1].. .تفسیر بغوی،پارہ:15،الکہف،زیرِ آیت:85 ،جلد:2،صفحہ:711 خلاصۃً۔