Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
ان کي به پنهنجي رضا جي نعمت عطا فرمائيندو آهي. مولانا حسن ڪيڏي پياري ڳالھ چئي آهي:
دِل سے ذرا یہ کہہ دے کہ اُن کا غُلام ہوں
ہر دُشمنِ خُدا ہو خُدا کو ابھی عزیز ([1])
الله پاڪ اسان سڀني کي محبوبِ ذيشان، رسولِ دوجہان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي سچي، پڪي محبت نصيب فرمائي، اهي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنهم جيڪي معيارِ ايمان، معيارِ عشقِ رسول آهن، الله پاڪ اسان کي انهن سان به بي پناهه عقيدت ۽ محبت رکڻ جي توفيق عطا ڪري.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
آن لائن استخاره موبائل ايپلي ڪيشن
اي عاشقانِ رسول! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان عوام جي آساني ۽ امتِ مصطفيٰ جي غمخواري لاءِ موبائل ايپلي ڪيشن ”Online Rohani Ilaj & Istikhara“ متعارف ڪرائي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توهان*آن لائن استخارو ڪرائي سگهو ٿا * بيماري، نظرِ بد (Evil eye)، جادو، آسيب وغيره مسئلن جي حل لاءِ في سبيل الله تعويذ حاصل ڪري سگهو ٿا * آن لائن ڪاٽ به ڪرائي سگهو ٿا. وڌيڪ هن ايپلي ڪيشن ۾ * بيماري * غربت (Poverty) * غم، پريشاني *۽ آفتن ۽ بلائن (Calamities) وغيره کان حفاظت جا مختلف اوراد ۽ وظائف به شامل آهن. پنهنجي اسمارٽ فون ۾ هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪري وٺو! پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب (Motivation) ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد