Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
سالن جو عرصو (Period) آهي. انهن 23 سالن ۾ حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم 24 هزار ڀيرا بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيا. جيڪڏهن اسان ان جو اوسط (Average) ڪڍون ته روزانو لڳ ڀڳ 6 کان 7 ڀيرا حاضري ٿئي ٿي. هاڻي غور فرمايو! ڪٿي سِدْرَةُ الْمُنْتَهٰی...!! هزارين سالن جو سفر...!! حضرت جبريل اَمين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اتان کان محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي خدمت ۾ بار بار حاضر ٿيندا هئا.
بار بار آتے تھے جبریلِ امیں اس قدر مرغُوب تھا کوئے حبیب([1])
جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تي ڪرم نوازيون
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ته هئي حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي بارگاھِ رسالت ۾ حاضري جي ڪيفيت...!! هاڻي ان جو صلو ڇا مليو؟ محبتِ رسول جي صدقي، خدمتِ رسول جي صدقي، بارگاھِ رسالت ۾ بار بار حاضري جي صدقي، پاڻ تي ڪهڙيون ڪرم نوازيون ٿيون؟ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
پائے جبریل نے سرکار سے کیا کیا القاب
خُسْرَ وِ خیلِ مَلَک، خادِمِ سلطانِ عرب([2])
وضاحت: يعني حضرت جبريل امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کان ڪهڙا ڪهڙا اعليٰ لقب حاصل ڪيا جو ان ئي در جي غلامي جي صدقي پاڻ فرشتن جا سردار سڏايا ۽ ان ئي در جي خدمت جي بدولت پاڻ کي خادمِ سلطانِ عرب هجڻ جو شرف به مليو.
فرشتوں میں افضل کیا یُوں خُدا نے
کہ کرتے تھے جبریل خِدْمت نبی کی([3])