Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

وضاحت:  جيترو الله پاڪ کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سان محبت آهي، ڪائنات ۾ ايتري محبت ٻئي ڪنهن کي ڪنهن سان ناهي. اي پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! جيڪا توهان جي رضا آهي، الله پاڪ جي به اها ئي رضا آهي، جيڪا توهان جي خوشي آهي، الله پاڪ کي به اها ئي ڳالهه عزيز آهي. الله پاڪ کي اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سان اهڙي محبت آهي جو ان ربِ ڪائنات سڄو جهان اوهان جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته الله پاڪ کي اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي دل خوش ڪرڻ ڪيترو عزيز آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آيت جيڪا اسان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، ان ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جا بي مثال (Extraordinary)  شان بيان ٿيا آهن. آيت جي وضاحت ٻڌڻ کان پهريان، هڪ ايمان افروز روايت ٻڌو!

جبريل عَلَيهِ السَّلام جي پياري آقا سان محبت

روايت آهي ته فتْرتِ وحي (يعني وحي رڪجي وڃڻ جي ڏينهن) کان پوءِ جڏهن حضرت جبريل اَمين عَلَيْهِ السَّلام وحي کڻي آيا ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم فرمايو: توهان نه آيا، مون کي توهان جي اچڻ جي آرزو هئي؟ حضرت جبريل امين عَلَيْهِ السَّلام عرض ڪيو: کُنْتُ اِلَیْکَ اَشْوَق وَ لٰکِنِّیْ عَبْدًا مَاْمُوْرًا  يعني (يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم!) مون کي به توهان جي بارگاهه ۾ حاضري جو گهڻو شوق هو پر مان ٻانهو آهيان، حڪمِ اِلاهي جو پابند آهيان.([1])

نہ لگتا تھا سدرہ پہ جبریل کا دِل

گوارا  نہ  تھی  ان  کو  فرقت  نبی  کی([2])

سُبْحٰنَ الله! ڪهڙي نرالي محبت آهي، حضرت جبريل اَمين عليهِ السَّلام ملائڪن جا سردار آهن، الله پاڪ جا مُقرَّب آهن پر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جا خادم آهن، پاڻ کي رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر،پارہ:30،الضحٰی،زیرِ آیت:3،جلد:11،صفحہ:193۔

[2]... قبالۂ بخشش، صفحہ:315۔