Mahboobiyat e Mustafa

Book Name:Mahboobiyat e Mustafa

هاڻي اهي حڪمتون ڪهڙيون آهن؟ عالمن جو چوڻ آهي ته وحي نازل ٿيڻ معمولي ڳالهه نه هئي، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن هي قرآن جبل (Mountain) تي نازل ڪيو وڃي ها ته ان جي بار سان جبل ٽڪرا ٽڪرا(Crumble) ٿي وڃي ها، يعني وحي اچڻ ايترو ڳَرو هوندو آهي. تنهنڪري الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم تي هڪ ئي وقت وحي نازل نه فرمائي بلڪه پهرين وحي اچڻ شروع ٿي، پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ روڪي وئي، پوءِ وحي شروع ٿي، پوءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ رڪجي وئي، ائين آهستي آهستي وحي جو سلسلو جاري ڪيو ويو، ڇو؟ ته جيئن *محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي مشقت نه ٿئي *دل مبارڪ تي بار نه وڌي *قلبِ اقدس کي اطمينان ۽ سڪون به رهي ۽ *شوقِ وحي به وڌندو رهي.)[1](

الله! الله! غور فرمايو! الله پاڪ کي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم سان ڪهڙي نرالي محبت آهي، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جي دل مبارڪ تي بار پوي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي مشقت ٿئي، الله پاڪ کي اهو به هرگز گوارا ناهي، تنهنڪري آهستي آهستي (Gradually) وحي جو سلسلو جاري ڪيو ويو.

واہ کیا مرتبہ ہوا تیرا                                            تُو خُدا کا خُدا ہوا تیرا

ایک عالَم خُدا کا طالِب ہے                                    اور  طالِب  خُدا  ہوا  تیرا([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

محبوب جي مشقت گوارا ناهي

سورة طٰهٰ ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

مَاۤ اَنْزَلْنَا عَلَیْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰۤىۙ(۲)   (سيپارو: 16، طٰهٰ: 2)

ترجمو ڪنزُ العرفان: اي حبيب! اسان اوهان تي هي قرآن ان ڪري نه لاٿو جو اوهان تڪليف ۾ پئجي وڃو.


 

 



[1]...فتح الباری،کتاب  بدء الوحی،3-باب ،جلد:1،صفحہ:37 خلاصۃً۔

[2]...ذوق نعت، صفحہ:68-69 ملتقطًا۔