Book Name:Mahboobiyat e Mustafa
اللهُ اڪبر! ڪهڙو شان آهي منهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جو...!! روايتن ۾ آهي: پياري نبي، سچي نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم رات جو عبادت ڪندا هئا، ايستائين جو سندن پير مبارڪ سُڄي ويندا هئا (يعني Swelling ٿي ويندي هئي)، ان تي هي آيت نازل ٿي ۽ الله پاڪ فرمايو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم! توهان تي هي قرآن ان لاءِ نه لاٿو ويو آهي ته توهان پاڻ کي مشقت ۾ وجھي ڇڏيو.)[1]( بلڪه اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم!
قُمِ الَّیْلَ اِلَّا قَلِیْلًاۙ(۲) نِّصْفَهٗۤ اَوِ انْقُصْ مِنْهُ قَلِیْلًاۙ(۳) (پارہ:29، سورۀ المزمل:2-3)
ترجموڪنزُ العرفان: رات جي ٿوري حصي کان سواءِ قيام ڪر اڌ رات (قيام ڪر) يا ان کان ٿورو گهٽاءِ.
حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سورة طٰهٰ جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: ٻين کي اعمال وڌيڪ ڪرڻ جو حڪم آهي پر حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم کي اعمال گهٽ ڪرڻ جي هدايت آهي.)[2](
۽ ان جي حڪمت (Wisdom) ڇا آهي؟ اها ته محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جو مشقت ۾ پئجڻ الله پاڪ کي پسند ناهي.
خُدا مدح خواں ہے خُدا مدح خواں ہے مرے مصطفےٰ کا، مرے مصطفےٰ کا
خُدا کا وہ طالِب، خُدا اس کا طالِب خُدا اس کا پیارا، وہ پیارا خُدا کا([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حفاظتِ محبوب جا نرالا شان
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳) (سيپارو: 30، والضُّحيٰ: 3)
ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو نه ناپسند ڪيو.