Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

بنتِ عتبه آهيان يعني اها ئي عورت آهيان جنهن اوهان جي چاچي جو جيرو چٻاڙيو هو. ان تي پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪجهه به نه فرمايو، ٿورو به غصي يا نفرت جو اظهار نه ڪيائون، اهڙي نرالي اخلاق، عفو ۽ ڪرم جي هيءَ مبارڪ ادا ڏسي هند بنتِ عتبه رَضِیَ اللہُ عنہا عرض ڪيو: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اڳ ۾ مون کي اوهان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کان به نفرت نه هئي پر هاڻي سموري ڌرتيءَ تي اوهان کان وڌيڪ مون کي ٻيو ڪو به محبوب نه آهي. ([1])

سو بار ترا دیکھ کر عفو اور تَرَحُّم                       ہر باغی و سرکش کا سر آخر کو جُھکا ہے

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا:

تم کرم سے مشتری ہر عیب کے                  جنسِ نامقبول ہر بازار ہم

اپنی رحمت کی طرف دیکھیں حُضُور               جانتے ہیں جیسے ہیں بدکار ہم ([2])

وضاحت: مشتري: يعني خريدار. جنس نامقبول: يعني اهڙي شيءِ جنهن کي ڪو به نه خريدي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عرض ڪري رهيا آهن: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهو جنهن کان دنيا ۾ ڪو پڇڻ وارو به نه هوندو آهي، توهان ان تي به ڪرم فرمائيندا آهيو، ان کي به پنهنجي رحمت جي دامن ۾ لڪائيندا آهيو ۽ پنهنجي رحمت سان قبول ڪندا آهيو، پر هتي اسان جو حال اهو آهي  جو اسان گندا به آهيون، نِڪَما به آهيون، ڪنهن بازار ۾ اسان جو ڪو خريدار ئي ناهي، توهان گنهگارن کي قبول فرمائڻ وارا ۽ اسان سڀ کان وڏا گنهگار ...!! يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! پنهنجي رحمت ڏانهن ڏسو ۽ اسان گنهگارن کي پنهنجي دامنِ ڪرم ۾ لڪائي ڇڏيو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(3): چهرھءِ     پُرنُور    ۽   زُلفِ مقدس

        پيارا اسلامي ڀائرو! وَالضُّحٰی ۽ وَالَّیْل جي ٽِين معنيٰ تمام گهڻي خوبصورت


 

 



[1]... بخاری، کتاب مناقب الانصار، باب ذکر ہند بنت عتبہ...الخ، صفحہ:963، حدیث:3825۔

[2]... حدائق بخشش، صفحہ:82-83 ملتقطًا۔