Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
وَالضُّحٰی ۽ وَالَّیْل جي معنيٰ
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
وَ الضُّحٰىۙ(۱) وَ الَّیْلِ اِذَا سَجٰىۙ(۲)
ترجموڪنزالعرفان: چڙھندڙ ڏينهن جي وقت جو قسم ۽ رات جو جڏهن اها ڍڪي ڇڏي.
هي ٻه قَسَم آهن: (1): هڪ ضُحيٰ جو قسم ۽ (2): ٻيو لَيل جو قسم. لَيل جي معنيٰ آهي رات، ۽ ضُحيٰ جو مطلب آهي چاشت جو وقت. جڏهن سج اڀري ڪجهه مٿي ٿيندو آهي ۽ ان جي روشني زمين تي پکڙجي ويندي آهي، ان وقت کي ضُحيٰ يعني چاشت جو وقت چيو ويندو آهي. ([1])
هن وقت جي وڏي فضيلت آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: انسان تي سندس هر جوڙ جي بدلي ۾ صدقو آهي (۽ انساني جسم ۾ ڪُل 360 جوڙ آهن) * هر تسبيح صدقو آهي * هر حمد صدقو آهي * لَااِلٰہَ اِلَّا اللہ چوڻ صدقو آهي * اللہُ اکبر پڙهڻ صدقو آهي * چڱي ڳالهه جو حڪم ڪرڻ صدقو آهي * خراب ڳالهه کان منع ڪرڻ صدقو آهي ۽ انهن سڀني جي طرفان چاشت جي نماز جون 2 رڪعتون ڪافي آهن۔([2]) هڪ حديث شريف ۾ آهي: جنهن چاشت جون 12 رڪعتون پڙهيون، الله پاڪ ان جي لاءِ جنت ۾ سون جو محل تيار ڪندو. ([3])
وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا
ہم مفلس کیا مول چکائیں، اپنا ہاتھ ہی خالی ہے ([4])