Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
میں ہوں، میں ہوں اپنی اُمّت کے لئے کیا ہی پیارا پیارا یہ ارشاد ہے
وہ شفاعت کو چلے ہیں پیشِ حق عاصیو! تم کو مبارکباد ہے
جس کو اس در کی غلامی مل گئی وہ غمِ کونین سے آزاد ہے
کون سے دِل میں نہیں یادِ حبیب قلبِ مؤمن مصطفےٰ آباد ہے ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معاف ڪرڻ واري مبارڪ عادت جي به ڇا ڳالهه ڪجي ...!! * پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت بڻجي تشريف کڻي آيا * سندن طبيعت مبارڪ تي رحمت، نرمي ۽ عفو ۽ ڪرم جو هميشه غلبو رهندو هو * غور ته ڪريو! طائف جو اهو دردناڪ سفر جنهن ۾ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اَهلِ طائف کي جهنم کان بچائڻ ۽ جنت جو حقدار بڻائڻ جي لاءِ نيڪي جي دعوت ڏيڻ ويا هئا، انهن ئي ماڻهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي مَعَاذَ اللہ! پٿر وسايا، جسمِ مبارڪ کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو، ان جي باوجود به جڏهن جبلن جو فرشتو حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حڪم ڪريو ته ٻنهي جبلن کي پاڻ ۾ مِلائي انهن کي فنا ڪري ڇڏيان؟ فرمايائون: نه...!! مان نه ٿو چاهيان ته اهي هلاڪ ٿين.([2]) * اهڙي طرح غزوہءِ حُنين جي موقعي تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: يارسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هنن جي لاءِ بددعا فرمايو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هينئن دعا ڪئي: اللّٰهُمَّ اهْدِ ثَقِيفًا ([3]) اي الله پاڪ! ثقيف وارن کي هدايت عطا فرماءِ * هند بنتِ عتبه اها عورت آهي جنهن پياري آقا جي پياري چاچي حضرت امير حمزه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو جيرو ڪڍي چٻاڙيو هو، فتحِ مڪه جي موقعي تي هُوءَ نقاب پائي بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿي، ڪلمو پڙهي، اسلام ۾ داخل ٿي وئي، پوءِ پنهنجي چهري تان نقاب هٽائي چيائين: مان هند