Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

* جڏهن عالَمِ بالا کي سينگاريو ويندو * آسمانن ۾ ڌُومُون مچنديون * خوشيون ئي خوشيون هونديون * جبرائيل اَمين عَلَیْهِ السَّلَام  اوهان وٽ ايندا * بُراق موڪليو ويندو * اوهان کي گهوٽُ بڻايو ويندو * مسجدِ اقصيٰ ۾ اڳين نبين کان اوهان جو استقبال ڪرايو ويندو * اوهان کي امامُ الانبياء بڻايو ويندو * آسمانن جي سير ڪرايو ويندو * جنت ڏيکاري ويندي ۽     * اهو رب ڪريم جيڪو غَيْبُ الغيب آهي، سڀ کان وڏو غيب آهي، جنهن جي ديدار جي تمنا حضرت موسيٰ عليه السلام ڪئي هئي ته اُنَ کي لَنْ تَرَانِی (اي موسيٰ! تون مون کي نه ڏسي سگهندين) فرمايو ويو هو، اهو رب ڪريم پنهنجي حُسنِ ازل تان پردو کڻندو، اوهان کي عين بيداري جي حالت ۾ ظاهري اکين سان پنهنجو ديدار ڪرائيندو، اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان مبارڪ رات جو قسم! اوهان جي رب نه اوهان کي ڇڏيو آهي، نه ئي اوهان کان ناراض ٿيو آهي.

تُو نائِبِ خُدا ہے، محبوبِ کبریا ہے                         ہے مُلک میں خُدا کے جاری نظام تیرا

چوتھے فلک پہ عیسیٰ اور طُور پر تھے موسیٰ             کرسی و عرش سے بالا مقام تیرا

تُو پیشوا ہے سب کا، سب مقتدی ہیں تیرے          اَقْصیٰ میں کیسے بنتا کوئی امام تیرا

دشمن گھٹائیں جتنی عزت بڑھے گی اتنی               منظور ہے خُدا کو احترام تیرا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2): علمِ مصطفيٰ ۽ سندن معاف ڪرڻ جي مبارڪ عادت

ڪجهه مفسرينِ ڪرام فرمايو: وَالضُّحٰی مان علمِ مصطفيٰ جو نور ۽ وَالَّیْل مان سندن عفو ۽ درگذر مراد آهي. ([1])

يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! * اوهان جو اهو مبارڪ علم جيڪو اوهان جي سيني ۾ رکيو ويو آهي * قرآن ڪريم جو علم * الله پاڪ جي


 

 



[1]... تفسیر کبیر ، پارہ:30، سورۃ الضحیٰ، زیر آیت:1، جلد:11، صفحہ:192۔