Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
هڪ دفعي اميرالمؤمنين حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ غلام ڪيڏانهن ڀڄي ويو ۽ واپس نه آيو. پاڻ پنهنجي ڪنهن گورنر کي خط لکيو ۽ فرمايو ته: منهنجو هڪ غلام هتان ڀڄي توهان جي علائقي ڏانهن آيو آهي، ان کي جلدي ڳولهيو!
جيئن ته اميرالمؤمنين جو حڪم هو، تنهنڪري اهو گورنر تمام گهڻو پريشان ٿيو. هن غلام کي تمام گهڻو ڳولهيو پر هو نه ملي سگهيو. ان پريشاني جي عالم ۾ ڪنهن کيس صلاح ڏني ته اوهان سورت والضُّحٰی ۽ سورت اَلَمْ نَشْرَحْ جو وظيفو ڪريو! ڀڄي ويل غلام پاڻ ئي اچي ويندو. جنهن تي هُن انهن سورتن جي تلاوت ڪئي ته ان ئي وقت اهو ڀڄي ويل غلام کيس هٿ اچي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته هيءَ مبارڪ سورت وِڇڙيلن کي ملائڻ واري آهي. تنهنڪري جڏهن به ڪا شيءِ گم ٿي وڃي، ڪوئي عزيز ڪيڏانهن هليو وڃي، گُم ٿي وڃي يا نه ملي رهيو هجي ته سورۃ والضُّحٰی جي تلاوت ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڇڙي ويل ملي ويندو.
الله پاڪ اسان کي هن مبارڪ سورت جي بلڪه سموري قرآن ڪريم جي ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. حديث پاڪ ۾ آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو شخص رات جي وقت 10 قرآني آيتن جي تلاوت ڪندو رهندو، ان جو نالو غافلن جي فهرست ۾ نه لکيو ويندو. ([2])
اَلحمدُلِلّٰہ! سورت والضُّحٰی ۾ 10 نه پر 11 آيتون آهن. تنهنڪري جيڪڏهن اسان روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ سورت والضُّحٰی جي تلاوت ڪندا رهون ته