Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
سُبْحٰنَ اللہ! هن مان معلوم ٿيو ته چاشت جو وقت تمام گهڻي فضيلت وارو آهي ۽ الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان بيان ڪرڻ کان پهريان هن وقت جو قسم به کَنيو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته ان وقت ۾ نماز پڙهون، چاشت جا نفل ادا ڪندا رهون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ سورت وَالضُّحٰی جي شروعات ۾ 2 قسم ارشاد فرمايا آهن: (1): هڪ ضُحیٰ جو قسم (2): لَیْل جو قسم. هتي اهي ٻئي قَسم کڻڻ مان ڇا مراد آهي؟ مفسرينِ ڪرام انهن جون ڪيتريون ئي معنائون بيان ڪيون آهن پر مان اوهان جي سامهون فقط 3 معنائون پيش ڪريان ٿو:
(1): حق جي واضع ٿيڻ جو وقت ۽ معراج جي رات
مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام فرعون جي جادوگرن سان جيڪو مقابلو ڪيو هو ۽ حق کي روشن ڏينهن جيان واضح ڪيو هئائون، اهو مقابلو چاشت جي وقت ٿيو هو، هِن جاءِ تي يعني وَالضُّحٰی ۾ اُهو ئي چاشت جو وقت مراد آهي.([1]) ۽ وَالَّیْل مان معراج جي رات مراد آهي. ([2])
يعني مطلب اهو ٿيو ته اي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جنهن وقت حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام حق کي واضح ڪيو هو ۽ فرعون جهڙي وڏي ڪافر جو غرور مٽي ۾ ملايو هو، ان ڪافر جو آڪڙيل ڪَنڌُ حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي معجزي کي ڏسي لٽڪي پيو هو ۽ کيس انتھائي شرمناڪ شڪست ملي هئي، اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ان وقت جو قسم! اوهان جي رب نه اوهان کي ڇڏيو آهي، نه ئي اوهان کان ناراض ٿيو آهي.
اهڙي طرح اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! عنقريب هڪ رات اچڻ واري آهي