Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
معرفت جو علم * الله پاڪ جي ذات ۽ صفات جو علم * ڳُجهَن رازن جو علم * قيامت تائين ٿيڻ وارن واقعن جو علم * مَاکَان وَ مَایَکُوْنُ (يعني جيڪو ٿي چڪو آهي، جيڪو ٿيندو، ان جو) علم * اهو مبارڪ علم جنهن جي نور سان دنيا روشن ٿي وئي * اهو مقدس علم جنهن جھالت جي اونداهي کي دور ڪري ڇڏيو * اهو بي مثال علم جنهن جي برڪت سان جھالت جي اونداهين ۾ ٻڏل ماڻهو روشني حاصل ڪري قيامت تائين اچڻ وارن جا امام ۽ پيشوا بڻجي ويا * اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي ان علم جي روشني جو قسم! اوهان جي رب نه اوهان کي ڇڏيو آهي، نه ئي اوهان کان ناراض ٿيو آهي.
اهڙي طرح جڏهن رات ڇانئجي ويندي آهي ته هر شيءِ کي ڍڪي ڇڏيندي آهي * اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي اها معاف ڪرڻ واري عادت جيڪا مجرمن جا جرم مِٽائي ڇڏيندي آهي * اوهان جي اها رحمت واري ادا ته نَنهَن کان چوٽِيءَ تائين گناهن جي ڪاراڻ ۾ ٻڏل ماڻهو اوهان وٽِ ايندا آهن ۽ اوهان کين پنهنجي رحمت واري دامن ۾ آڻي سندن سڀ گناهه لڪائي ڇڏيندا آهيو * اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان کي منهنجن ٻانهن سان اِها جيڪا محبت آهي * اوهان جيڪو انهن سان رحمت ڀريو سلوڪ فرمائيندا آهيو * اوهان جي اُن شانِ رحمت ۽ ڪرم جو قسم! اوهان جي رب نه اوهان کي ڇڏيو آهي، نه ئي اوهان کان ناراض ٿيو آهي.
اللهُ اکبر! اي عاشقانِ رسول! هتي غور ڪريو! اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عفو ۽ ڪرم جو ڪهڙو نه نرالو شان آهي جو سندن رب ڪريم انهن جي هن رحمت ۽ شفقت واري ادا جو قسم کڻي رهيو آهي.
وسعتیں دِی ہیں خُدا نے دامنِ محبوب کو جرم کھلتے جائیں گے اور وہ چھپاتے جائیں گے ([1])
اعليٰ حضرت جا ڀاءُ مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: