Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! غافلن ۾ شمار ٿيڻ کان بچي وينداسين. الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .  

تلاوت کی توفیق دیدے الٰہی                    گناہوں کی ہو دور دل سے سیاہی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سورة  والضُّحٰی جو شانِ نُزُول

پيارا اسلامي ڀائرو! سورت  والضُّحٰی جو شانِ نزول ڪجهه هن طرح آهي ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن اعلان نبوت فرمايو، ته ان کان پوءِ ڪجهه عرصي کان پوءِ وحي اچڻ بند ٿي وئي. ان کي زمانهءِ فترت وحي (يعني وحي جي رڪجي وڃڻ وارو عرصو) چوندا آهن. اهو ڪيترو عرصو هو، ان بابت مختلف روايتون آهن: ڪجهه روايتن ۾ 12 ڏينهن جو ذڪر آهي، ڪِن ۾ 15 ڏينهن، ڪن ۾ 25 ۽ ڪجهه روايتن ۾ 40 ڏينهن جو به ذڪر آهي. بهرحال، جڏهن وحي اچڻ بند ٿي وئي ته غير مسلمن اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شانَ ۾ گستاخيون ڪرڻ شروع ڪيون * ڪو چئي رهيو هو: محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رب انهن کي ڇڏي ڏنو آهي * ڪو چئي رهيو هو: محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو رب کانئن ناراض آهي.([1]) * ۽ اُمِ جميل، يعني ابولهب جي زال، جيڪا تمام وڏي گستاخ رسول هئي، اُن ته هن موقعي تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي لاءِ انتھائي گستاخانه لفظ استعمال ڪيا. جنهن تي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دل مبارڪ کي تمام گهڻو صدمو رَسيو. ان موقعي تي هيءَ مبارڪ سورت نازل ٿي.([2]) 

الله پاڪ فرمايو: 


 

 



[1]... تفسیر قرطبی، پارہ:30، سورۃ الضحیٰ، زیر آیت:1، جز:20، جلد:10، صفحہ:56 بتغیر قلیل۔

[2]... بخاری، کتاب فضائل القرآن، باب کیف نزول الوحی واول ما نزل، صفحہ:1290، حدیث:4983۔