Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
لَو لَمْ یَکُنْ فِیْہِ اٰیَاتٌ مُبَیِّنَۃٌ کَانَتْ بَدَاھَتُہُ تُنْبِيكَ عَنْ خَبْرِہٖ
يعني جيڪڏهن حضور پُرنور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪو ٻيو معجزو نه به ڏيکارن ها، تڏهن به سندن نبي هجڻ تي سندن حُسن جو نظارو ئي سڀ کان وڏو دليل هو.([1])
امام ابو نعيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي ڪتاب دلَائِلُ النُّبُوَّہ ۾ روايت ذڪر ڪئي آهي ته اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بي مثال ۽ بي نظير ننڍپڻ جو زمانو هو، 2 سالن جي عمر مبارڪ هئي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت حليمه سعديه رَضِیَ اللهُ عَنْہا وٽ تشريف فرما هئا، هڪ ڏينهن حضرت حليمه سعديه رَضِیَ اللهُ عَنْہا پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي کڻي مڪه مڪرمه ڏانهن وڃي رهيون هيون ته رستي ۾ هڪ جاءِ تي حبشه جا ڪجهه ماڻهو ساڻس مليا، جڏهن سندن نظر رخِ مصطفيٰ تي پئي ته بس ڏسندا ئي رهجي ويا.
اُن کے جلوؤں میں ہیں وہ دلچسپیاں جو وہاں پہنچا وہیں کا ہو گیا ([2])
راوي چوي ٿو: اهي حبشه جا ماڻهو ٽِڪَ ٻڌي ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لذت ۾ مدھوش رهيا ۽ بي اختيار سندن زبان مان نڪتو: هٰذَا وَاللہِ نَبِیٌّ خدا جو قسم! هي اللہ پاڪ جا نبي آهن. ([3])
سَر سے پا تک ہر ادا ہے لاجواب خوبرُویوں میں نہیں تیرا جواب
حُسْن ہے بےمثل صُورت لاجواب میں فِدا تم آپ ہو اپنا جواب ([4])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد