Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
جو نالو آهي: مدني قاعدہ (Madani Qaida) هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي، يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان جنهن حرف يا جنهن به لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تلفظ هلندو، اهڙي طرح هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان اوهان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي سگهو ٿا ۽ اُن جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهو ٿا. هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي ختم ڪندي، هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام جي ذهنن ۾ پلجندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: ڇا ربيع الاول جي آمد جي مبارڪ ڏيڻ سان جنت واجب ٿي ويندي آهي؟
وضاحت: ربيع الاول شريف جي آمد جي خوشي ملهائڻ ۽ چرچو ڪرڻ تمام سٺو عمل آهي، ڇو ته هن مبارڪ مهيني ۾ اللہ پاڪ نبيءِ آخرالزمان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن دنيا ۾ موڪلي مومنن تي احسان فرمايو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري يقيناً مسلمانن جي لاءِ نعمتِ عظميٰ آهي ۽ نعمت جو چرچو ڪرڻ بابت اللہ پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايوآهي ته:
وَ اَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ۠(۱۱) (پارو:30، سورۀ والضحیٰ:11)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي رب جي نعمت جو خوب چرچو ڪر.
پر جيڪو سڀني کان اڳ ۾ ڪنهن کي ربيع الاول جي مبارڪ ڏيندو، ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي اهڙي ڪابه روايت موجود نه آهي، بلڪه اهڙيون ڳالهيون اڪثر ڪري هَٿَ ٺوڪيون (يعني پنهنجي طرفان ٺاهيل) هونديون آهن ۽ هٿ جي ٺاهيل ڳالهه ڄاڻي واڻي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم