Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

ڏانهن منسوب ڪرڻ حرام آهي، حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ کَذَبَ عَلَیَّ مُتَعَمِّدًا فَلْیَتَبَوَّاْ مَقْعَدَہٗ مِنَ النَّارِ يعني جنهن مون ڏانهن ڄاڻي واڻي ڪُوڙي ڳالهه جي نسبت ڪئي، اُهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ بڻائي ڇڏي. ([1]) 

۽ بغير تحقيق ۽ تصديق ڪرڻ جي هر ٻُڌَل ٻُڌايل ڳالهه اڳتي وَڌائڻ نه گھرجي، حديث پاڪ ۾ آهي: کَفٰی بِالْمَرْء ِکَذِبًا اَنْ یُّحَدِّثَ بِکُلِّ مَا سَمِعَ يعني انسان جي ڪوڙو هجڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته هو هر ٻُڌَل ٻُڌايل ڳالهه کي اڳتي بيان ڪري ڇڏي.([2]) تنهنڪري اهڙين روايتن تي مشتمل ميسيجز ۽ پوسٽس(Messages & Posts)  کي شيئر ڪرڻ کان بچڻ تمام ضروري آهي.([3]) اللہ پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَا حَفِیْظُ

جيڪو شخص روزانو 16 دفعا یَاحَفِیْظُ پڙهندو، اهو هر طرح سان بهادر رهندو. ([4])

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 



[1]... بخاری، کتاب العلم، باب اثم من کذب علی النبی، صفحہ:103، حدیث:110۔

[2]... مسلم ، المقدمۃ، باب النہی عن الحدیث بکل ما سمع، صفحہ:12، حدیث:5۔

[3]... دَارُالاِفْتَاء اَہْلسُنَّت ، غیر مطبوعہ، فتاویٰ نمبر: Pin-4893 ۔

[4]... مدنی پنج سورہ، صفحہ:251۔