Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

رهيو آهي ته اهو ان ڳالهه جو دليل آهي ته هُو سخِي ٿيندو ۽ سائلن کي خيرات سان نوازيندو * امام جعفر صادق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص خواب ۾ سورۃ والضُّحٰی پڙهي، اها نشاني آهي ته کيس غريبن سان محبت ٿيندي. ([1]) 

ترے جود و کرم کا کوئی اندازہ کرے کیونکر

ترا اِک اِک گدا فیض و سخاوت میں ہے حاتِم سا ([2])

وضاحت: حاتم عرب جو هڪ شخص هو، جنهن جي سخاوت تمام گهڻو مشهور آهي. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عرض ڪري رهيا آهن: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي سخاوت ۽ ڪرم نوازين جو ڪو اندازو ڪيئن لڳائي سگهي ٿو؟ ڇاڪاڻ ته توهان جي در جا گداگر به حاتم جهڙا يا ان کان به وڌيڪ سخي هوندا آهن، جڏهن سندن در جي گداگيرن جو اهو حال آهي ته پاڻ سرڪار اعظم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت ڪيتري نه اعليٰ هوندي ...!! 

وِڇڙيلن کي ملائڻ واري سورت

پيارا اسلامي ڀائرو! سورت والضُّحٰی شروع کان آخر تائين مڪمل طور مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعريف آهي. اسان کي خبر آهي ته رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اها عظيم الشان هستي آهن * جيڪي رب جي بندن کي رب سان ملائڻ لاءِ تشريف فرما ٿيا آهن * جيڪي گمراهن کي سڌو رستو ڏيکارڻ جي لاءِ آيا آهن * جيڪي دلين ۾ خدا جي ياد وَسائڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا آهن، اهڙي طرح سورت والضُّحٰی، جيڪا مصطفيٰ         صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعت تي سورت مشتمل آهي، الله پاڪ هن سورت ۾ به اهو تاثير رکيو آهي ته اها وِڇڙيلن کي ملائيندي آهي. جي ها! امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: جيڪڏهن ڪا شيءِ گم ٿي وڃي يا ضايع ٿي وڃي ته ٻانهو سورت والضُّحٰی پڙهي، ان جي گم ٿيل شيءِ ملي ويندي. 


 

 



[1]... معجم تفسیر الاحلام، حرف السین، سورۃ الضحیٰ، صفحہ:602۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:78۔