Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

ايمان دل ۾ گهر ڪَري ويو

حضرت ابو رافع رَضِیَ اللهُ عَنْہُ مڪه مڪرمه ۾ رهندا هئا، هڪ دفعي قريش جي ڪافرن کين پنهنجو قاصد بڻائي بارگاہهِ رسالت ۾ موڪليو، فرمائن ٿا: جڏهن مان رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيس، بس سندن حَسِين چهري تي نظر پوڻ جي دير هئي ۽ اسلام منهنجي دل ۾ لهي ويو. ([1]) 

جس سے تاریک دل جگمگانے لگے                اس چمک والی رنگت پہ لاکھوں سلام ([2])

حضرت ابو رُمثه تميمي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ پنهنجي پٽ کي ساڻ ڪري حاضر ٿيا، ماڻهن کان پڇيائون: رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪٿي تشريف فرما آهن؟ جڏهن ماڻهن کين ٻڌايو ته فرمايائون: مان جيئن ئي ٻنهي جهانن جي سردا، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهرهءِ انور کي ڏٺو ته بي اختيار منهنجي زبان مان نڪتو: هَذَا نَبِیُّ اللہِ هي ته اللہ پاڪ جا نبي آهن. ([3])

دیکھنے والے کہا کرتے ہیں: اللہ! اللہ!            یاد آتا ہے خُدا دیکھ کے صُورت تیری ([4])

اَزلي  ڪافَر حُضُور  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کي   ڏسي ئي نه سگهيا

جي ها! اَبُو لَھب ۽ اَبُوجِھل جهڙا ازلي ڪافر، جيڪي ضدي ۽ ہٺ ڌرم هئا، جن جي دلين ۾ بغض ۽ عداوت هئي، اصل ۾ اهي بدبخت حضور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسي ئي نه سگھيا، سندن دلين تي بُغض جو ايترو ته اَنڌُ ڇانيل هو جو اُهي چھرهءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي جڳ مڳ جڳ مڳ ڪندڙ نورِ نبوت ڏسي ئي نه سگھيا، اللہ پاڪ فرمائي ٿو: 

وَ تَرٰىهُمْ یَنْظُرُوْنَ اِلَیْكَ وَ هُمْ لَا یُبْصِرُوْنَ(۱۹۸) (پارو :9 ، سورۀ الاعراف:198)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ توهان انهن کي ڏسو (ته ائين لڳندو) جو اهي توهان ڏانهن ڏسي رهيا آهن، حالانڪه انهن کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.


 

 



[1]... ابو داؤد ،کتاب الجہاد ،باب فی الامام یستجن بہ  فی العہود ،صفحہ: 441 ،حدیث:2758۔

[2]... حدائق بخشش، صفحہ:301۔

[3]... شمائل ِ محمدیہ ،باب ما جاء فی شیب رسول اللہ ،صفحہ:25 ،رقم:43۔

[4]... ذوقِ نعت ،صفحہ :248۔