Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

مبارڪ مٿانهينءَ طرف مائل ۽ سَنهو  هو، وچ وارو حصو ٿورو بلند هو، ان تي هر وقت نور چمڪندو رهندو هو.([1]) * ڳَلَ (رُخسار) مبارڪ ڀُورا ([2]) ۽ چمڪدار هئا ([3]) * لَب مبارڪ سنها، نرم، نازڪ ۽ ڳاڙهاڻ مائل هئا ([4])    * ڏند مبارڪ انتهائي اڇا ۽ چمڪندڙ هئا، انهن ۾ مناسب حد تائين وِٿِي هئي، جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گفتگو فرمائيندا هئا ته ڏندن مان نور جون لاٽُون نڪرنديون نظر اينديون هيون.([5]) * ڏاڙهي مبارڪ گھاٽِي هئي، ڊيگھ ۾ هميشه هڪ مُٺِ جي برابر هوندي هئي ۽ ويڪر ۾ سيني پاڪ کي گهيري رکندي هئي.([6]) * مطلب ته چھرو مبارڪ، ان جو هڪ هڪ عضوو، هڪ هڪ حصو نهايت خوبصورت هو، صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان چھري مبارڪ جو حسن بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ان کي وَرَقَۃُ مُصْحَف (قرآن ڪريم جو ورق) چوندا هئا. ([7]) يعني پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو چھرو مبارڪ پنهنجي صفائي، حسن ۽ خوبصورتي ۽ چمڪ دمڪ ۾ قرآن ڪريم جي ورقن مثل هو * حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: مون رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان وڌيڪ حَسِين ڪنهن کي به نه ڏٺو سندن چھرو مبارڪ ايترو ته نوراني هو جو ائين لڳندو هو ڄڻ ته سندن نوراني چھري ۾ سج چمڪي رهيو آهي.  ([8]) 

اللہ! اللہ! اُن چھرهءِ پُرنور جي ڪيتري تعريف ڪجي * اللہ پاڪ اُن چھرهءِ پُرنور کي به معجزو بڻايو هو * سندن چھرو اَنور ئي سندن نبوت جو وڏو دليل هو. حضرت عبد الله بن رواحه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن ۽ دربارِ نبوت جا نعت گو شاعر آهن، پاڻ فرمائن ٿا: 


 

 



[1]... شمائل ترمذی، باب ما جاء فی خلق رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:13، حديث:8۔

[2]... سبل الہدیٰ والرشاد، الباب السابع فی صفۃ انفہ الشریف و خدیہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، جلد:2، صفحہ:29۔

[3]... العِقد الفرید،  اخبار المغنین، المسدود وزنین ودیس، جلد:7، صفحہ:45۔

[4]... سبل الہدیٰ والرشاد، الباب الثامن فی صفۃ فمہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ولسانہ، جلد:2، صفحہ:33۔

[5]... شمائل ترمذی، باب ما جاء فی خلق رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:15، حديث:17۔

[6]... الثفا، القسم الاول، الباب الثانی فی تکمیل اللہ تعالیٰ لہ المحاسن...الخ، جز:1، صفحہ:54۔

[7]... بخاری، کتاب الاذان، باب اہل العلم والفضل احق بالامامۃ، صفحہ:229، حدیث:680۔

[8]... ترمذی، ابواب المناقب...الخ، باب صفۃ النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم، صفحہ:833، حدیث:3657۔