Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

الله! الله! آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قرآن پاڪ جي تلاوت فرمائي رهيا آهن ۽ قرآن ڇا چئي رهيو آهي: اي محبوب! اوهان جي رخِ روشن جو قسم! اوهان جي مبارڪ زُلفن جو قسم!

اها صرف هڪ تصور ڪرڻ جي ڳالهه آهي جيڪا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائي رهيا آهن ته جهڙي طرح اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صبح ۽ شام، ڏينهن ۽ رات قرآن پاڪ جي تلاوت فرمائيندا آهن، بلڪل اهڙي طرح سندن رخسار مبارڪ جو ذڪر ڪرڻ قرآن پاڪ جو وظيفو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! هُونئَن ته اسان جا نبي سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سراپا معجزو آهن، پر هتي جيئن ته رُخِ انور ۽ مبارڪ زُلفَن جو ذڪر ٿيو آهي، تنهنڪري اچو ته چہرہءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪجهه تذڪرو ٻڌون، زلفِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو ذڪرِ خير اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايندڙ جمعي تي ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.

رُخِ   پُرنُور   ڪيئن   هو  ...؟

پياري آقا، نور واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو چَھرو مبارڪ تمام گھڻو پيارو ۽ خوبصورت هو * سندن پيشاني مبارڪ ڪشادي، چمڪندڙ ۽ روشن هئي * پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جون ڀِرُون مبارڪ (ابرو مبارڪ) ڪمان جيان خمدار، ڊگھيون ۽ سَنِهيون هيون * ٻنهي ڀِرُن مبارڪ جي وچ ۾ هڪ رَڳ هئي، جيڪا جلال جي وقت اُڀري پوندي هئي.([1]) * اکيون مبارڪ نهايت ئي ڪاريون هيون، اکين جي اَڇاڻ وارو حصو تمام گھڻو اڇو هو    * جتي ڇَپَرَ (يعني پلڪون) پاڻ ۾ ملنديون آهن، اُتي ڳاڙهي رنگ جا لِيڪا هئا * سندن مبارڪ اکيون قدرتي طور سُرمائِي (سُرمي جي رنگ جهڙيون) هيون، جيڪو ڏسندو هو، تنهن کي ائين لڳندو هو ڄڻ تازو تازو سرمو پاتو اٿن.([2]) * مبارڪ ڇَپَرَ(پَلڪُون) خوبصورت ۽ ڊگھيون هيون ([3]) * نڪ


 

 



[1]... شمائل ترمذی، باب ما جاء فی خلق رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:13، حديث:8۔

[2]...ترمذی، ابواب المناقب...الخ، باب فی صفۃ النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم، صفحہ:833، حدیث:3654-3655 ملتقطًا۔

[3]... شمائل ترمذی، باب ما جاء فی خلق رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ، صفحہ:11، حديث:7۔