Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

مان مؤمن آهيان ۽ رب ڪريم فرمايو آهي ته اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مؤمنن تي تمام گهڻو مھربان ۽ رحم ڪرڻ وارا آهيو. هڪ ٻي ڳالهه تي به مون کي فخر آهي ته مان توهان جي پاڪ در جو سوالي آهيان ۽ جيڪو توهان جي در جو سوالي هوندو آهي، ان کي اهو اطمينان هوندو آهي ته توهان جي رب رحمٰن توهان کي حڪم ڏنو آهي ته، اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو سوالي اچي ته ان کي جِهڙڪِڻو نه آهي، خالي نه موٽائڻو آهي، پر جيڪو به سائل ٿي اچي، ان جي جهولي ڀري موڪلڻو آهي.   

مرادَیں مِل رہی ہیں شاد شاد اُن کا سُوالی ہے

لبوں پر التجا ہے ہاتھ میں روضہ کی جالی ہے

بشر ہو یا مَلک جو ہے ترے دَر کا سُوالی ہے

تری سرکار والا ہے ترا دربار عالی ہے

فقیرو! بے نواؤ! اپنی اپنی جھولیاں بھر لو

کہ باڑا بٹ رہا ہے فیض پر سرکارِ عالی ہے

نکالا کب کسی کو بزمِ فیضِ عام سے تُو نے

نکالی ہے تو آنے والوں کی حسرت نِکالی ہے

وہی والی، وہی آقا، وہی وارِث، وہی مولیٰ

میں ان کے صدقے جاؤں اور میرا کون والی ہے ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

سورت  والضُّحٰی  کي خواب ۾ ڏسڻ جي تعبير

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته هن مبارڪ سورت ۾ مصطفيٰ جي سخاوت جو به بيان آهي، بلڪه جيڪڏهن اشارن جي لحاظ کان ڏِسجي ته هيءَ سورت سخاوت جي علامت آهي * علمِ تعبير جا تمام وڏا امام، امام ابن سيرين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: جيڪو شخص خواب ۾ ڏسي ته هو سورت والضُّحٰی جي تلاوت ڪري


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:230-231 -233 ملتقطًا۔