Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam

۽ ايمان افروز آهي، عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هن مقام تي ضُحیٰ (يعني چاشت جي وقت) مان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو، روشن روشن، چمڪندڙ چہرو مبارڪ مراد آهي ۽ لَیْل مان پاڻ ڪريم    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پياري پياري ڪارين ڪارين زُلفَن ڏانهن اشارو آهي.([1]) مطلب اهو آهي ته اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان کي اوهان جي چہرہءِ پُرنور جو قسم! اوهان جي پيارين پيارين زُلفن جو قسم! توهان جي رب نه توهان کي ڇڏيو آهي، نه توهان کان ناراض ٿيو آهي.

ہے کلامِ اِلٰہی میں شمس و ضحیٰ تیرے چہرۂ نُور فزا کی قسم

قسمِ شبِ تار میں راز یہ تھا کہ حبیب کی زلفِ دوتا کی قسم ([2])

وضاحت: اي منهنجا نور وارا آقا! قرآن مجيد ۾ وَالشَّمْس ۽ وَالضُّحٰی فرمائي الله پاڪ اوهان جي چہرہءِ انور جو قسم کنيو آهي ۽ وَالَّیْلِ اِذَا سَجٰی فرمائي اوهان جي خمدار (وَڪڙ کاڌل) پيارين پيارين زُلفَن جو قسم کنيو آهي.

هڪ ٻي جاءِ تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: 

جیسے قرآں ہے وِرْد اس گلِ محبوبی کا

یُوں  ہی  قرآں  کا  وظیفہ  ہے  وقار  عارِض ([3])

وضاحت: هن شعر جي وضاحت ڏاڍي خوبصورت آهي، ٿورو تصور ڪيو! مسجدِ نبوي شريف آهي، اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما آهن، مصحف مبارڪ يعني قرآن ڪريم سامهون آهي، پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تلاوت فرمائي رهيا آهن:

وَ الضُّحٰىۙ(۱) وَ الَّیْلِ اِذَا سَجٰىۙ(۲)


 

 



[1]... تفسیر کبیر ، پارہ:30، سورۃ الضحیٰ، زیر آیت:1، جلد:11، صفحہ:191۔

[2]... حدائق بخشش، صفحہ:80۔

[3]... حدائق بخشش، صفحہ:71۔