Book Name:Sayyidon Ki Barkatain
جي ڳالھ آهي، اِحْسان مڃڻ ان کي چوندا آهن. پاڻ فرمايو: اَنْتَ اَحَقُّ بِالْاِذْنِ مِنْہُ يعني اوهان وڌيڪ حقدار آهيو ته اوهان کي تشريف آڻڻ جي کلي اجازت ڏني وڃي. ڇو؟ فرمايائون: ان ڪري جو
وَھَلْ اَنْبَتَ الشَّعْرُ فِی الرَّاْسِ بَعْدَ اللہِ اِلَّا اَنْتُم
اسان جي مٿي تي جيڪي وار آهن، اللہ پاڪ کانپوءِ اوهان جي ڪري ئي آهن.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي وڏي ڳالھ آهي، مطلب هي آهي ته اللہ پاڪ اسان کي ننڍي کان ننڍي، وڏي کان وڏي جيڪا نعمت عطا فرمائي آهي، محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ سندن جي آل پاڪ جو ئي صدقو آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي وڌاءُ نه آهي. واقعي سچي ڳالھ آهي، اسان کي جيڪو ڪجھ مليو آهي، ايتري تائين جو ساھ جيڪو هلي رهيو آهي، هي به سيدن جي ناني محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ئي صدقو آهي. بلڪ سچ چوان؛ مان ۽ اوهان ته ڇا حيثيت رکون ٿا، اللہ پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي فرمايو هو: لَو لَا مُحَمَّدٌ مَا خَلَقْتُکَ يعني اي آدم عَلَيۡهِ السَّلَام! جيڪڏهن مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه هجن ها ته مان اوهان کي به پيدا نه ڪريان ها.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇا خوب لکيو آهي:
ہوتے کہاں خلیل و بنا، کعبہ و مِنٰی لَولاک والے صاحبی سب تیرے گھر کی ہے
بےاُن کے واسطے کے خُدا کچھ عطا کرے حاشا! غلط غلط یہ ہَوَس بےبصر کی ہے
وضاحت: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن اوهان نه هجو ها ته نه حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام دنيا ۾ تشريف آڻين ها نه ئي ڪعبو هجي ها نه ئي منيٰ هجي ها نه