Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
* شفاعت به فرمائن ٿا * امت جي حالتن کان آگاه به آهن ۽ بگڙيون به ٺاهين ٿا.
جن کا نہ بھاؤ کوئی دُنیا میں پوچھتا ہو سینے سے ان کو آقا اپنے لگا رہے ہیں
اُمّت کے حال سے ہیں آگاہ ہر گھڑی آپ خوابوں میں آرہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں([1])
امامِ عشق و محبت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن به ڪمال ڪيو، پاڻ لکن ٿا:
جن کا نہ بھاؤ کوئی دُنیا میں پوچھتا ہو سینے سے ان کو آقا اپنے لگا رہے ہیں
اُمّت کے حال سے ہیں آگاہ ہر گھڑی آپ خوابوں میں آرہے ہیں، بگڑی بنا رہے ہیں([2])
وضاحت: آسمان جي چنڊ جون مختلف منزلون (Stages) آهن، انهن مان هڪ منزل جو نالو غَفُر آهي. جڏهن چنڊ منزلِ غَفر ۾ هوندو آهي، ان وقت کي تمام مبارڪ سمجهيو ويندو آهي، اعليٰ حضرت ان طرف اشارو ڪندي فرمائي رهيا آهن ته هي چنڊ جيڪو آسمان تي نڪرندو آهي، اهو ته ڪڏهن ڪڏهن منزلِ غَفر ۾ هوندو آهي پر ماھِ طيبه، سلطانِ انبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ڳالھ ئي الڳ آهي، هي اهي مبارڪ چنڊ آهن جيڪي هر وقت ئي منزلِ غَفُر ۾ هوندا آهن، انهن جي هر منزل منزلِ غَفُر آهي، دنيا ۾ هجن، تڏهن به غَفُور (يعني بخشائڻ وارا) آهن، مزار ۾ تشريف فرما هجن، تڏهن به غَفُور آهن ۽ آخرت ۾ جڏهن ميدانِ محشر ۾ تشريف آڻيندا، تڏهن به بخشائيندا ۽ الله پاڪ جي عطا سان شفاعت فرمائي پنهنجن غلامن کي جنت ۾ پهچائيندا.
آيو آهيان جَآءُوْکَ ٻڌي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش صد ڪروڙ ڪاش...! اسان کي به موقعو نصيب ٿئي، اسان به مديني پاڪ حاضر ٿيون، گنبدِ خضرا جي ڇانوَ ۾ سونهري ڄارين جي سامهون مَٿو جهڪائي، هٿ ٻڌي درٻارِ رسالت ۾ شفاعت جي خيرات گهرون. اسان به عرض ڪريون: يَا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! گناهن