Mujrim Bulaye Aaye Hain

Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain

وَ سَارِعُوْۤا اِلٰی مَغْفِرَۃٍ  مِّنْ رَّبِّکُمْ وَ جَنَّۃٍ

(سيپارو: 4، سوره آلِ عمران: 133)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ پنهنجي رب جي بخشش ۽ ان جي جنّت ڏانهن ڊوڙو

اعليٰ حضرت جا والد محترم مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن هن جاءِ تي تمام ايمان افروز مدني گل ڏنو آهي، انهن جي فرمان جو خلاصو (Summary) آهي ته انهن ٻنهي آيتن کي ملائي ڇڏيو! پهرين آيت ۾ الله پاڪ هي ٻڌايو آهي ته مدينهءِ منوره ۾ حاضر ٿيڻ، اتي توبه ڪرڻ سان، رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شفاعت جي برڪت سان مغفرت ملندي آهي، ٻي آيت ۾ ربِ ڪريم فرمائي ٿو: رب جي مغفرت ڏانهن جلدي جلدي ڊوڙي پهچو، انهن ٻنهي آيتن کي ملائڻ جو نتيجو اهو نڪرندو ته قرآن اسان کي هي تعليم ڏئي رهيو آهي: اي گنهگار ٻانهو! اي محبوب جا امتيئو! جيڪي پنهنجين جانين تي ظلم ڪري ويٺا آهيو، بلڪل دير نه لڳايو! نهايت جلدي سان پنهنجي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي قدمن ۾ پهچي وڃو! جو اتي توهان کي مغفرت جي خيرات ملندي.[1]

 سُبْحٰنَ الله! پتو پيو! مديني پاڪ حاضري لاءِ جلدي ڪرڻ قرآني آيتن جو مطلوب آهي، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان مديني پاڪ حاضري لاءِ جلدي ڪريون، جيتري جلدي ٿي سگهي اتي پهچڻ جي ڪوشش ڪيون، جن کي الله پاڪ استطاعت بخشي آهي، جيڪي اتي پهچي سگهن ٿا، اهي ته مديني پاڪ حاضري ۾ بلڪل سُستي نه ڪن، جڏهن به موقعو ملي، حاضر ٿي وڃن ۽ جن وٽ استطاعت ناهي، جن وٽ مال و دولت ناهي، ظاهري اسباب ناهن، انهن کي به گهرجي ته مديني جي حاضريءَ جو شوق وڌائين، طيبه جي حاضريءَ لاءِ تڙپن، روئن، دعائون گهرن، طلب سچي هوندي ته      اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بگڙي سنورجي ئي ويندي.

آہ! پلّے زَر نہیں رَخْتِ سفر سَروَر نہیں                                 تُم بُلالو تُم بُلانے پر ہو قادِر یانبی!

کِس طرح تَسکین دُوں گا میں دِلِ غمگین کو                          رَہ گیا گَر حَاضِری سے میں جو قاصِر یانبی!


 

 



[1]... جواہر البیان فی اسرار الارکان، صفحہ:204۔