Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا (۶۴)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ته ضرور الله کي گهڻو توبھ قبول ڪرڻ وارو مهربان لهن ها.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ اسان گنهگارن کي بخشش جو ذريعو ٻڌايو ويو آهي، آيتِ ڪريمه جي لفظن ۾ وقت جي به ڪا قيد ناهي، گناھ جي به قيد ناهي، فرد جي به ڪا قيد ناهي ۽ جاءِ جي به ڪا قيد ناهي يعني قيامت تائين لاءِ جڏهن به، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، ڪنهن به فرد وڏي کان وڏو يا ننڍي کان ننڍو ڪو به گناھ ڪري ورتو هجي، ان لاءِ حڪم آهي:
جَآءُوْکَ
يعني اهو محبوبِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جن جي قدمن ۾ حاضر ٿي وڃي، هتي اچي توبه ڪري، الله پاڪ کان معافي گهري، امت جا غمخوار آقا صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جن جي شفاعت گهري، حضور صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم شفاعت فرمائيندا ته ان جي بخشش ٿي ويندي.
سُبْحٰنَ الله! ڪهڙي نرالي شان آهي. سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
کر کے تمہارے گُنَاہ، مانگیں تمہاری پناہ
تُم کہو دامن میں آ تم پہ کروروں درود
هڪ جاءِ تي فرمائن ٿا:
چور مالِک سے چُھپا کرتے ہیں، یاں اس کے خِلاف
تیرے دامن میں چُھپے چور انوکھا تیرا
دنيا ۾ انداز اهو ئي آهي، جڏهن ڪو چور چوري ڪندو آهي ته اهو مالڪ کان لڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هن سخي درٻار جو نرالو انداز آهي، هتي مجرم کي فرمايو پيو وڃي: