Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
وضاحت: اي زائرينِ مدينه! انهيءَ دروازي تي عمر گذاري ڇڏيو، جيڪڏهن قسمت ۾ هتي ئي موت نصيب ٿي ويو ته خوشخبري آهي ته طيبه ۾ مرڻ سڌو جنت جو رستو آهي.
شفاعتِ مصطفيٰ! مرحبا...! مرحبا...!!
اي عاشقانِ رسول! هن حديث پاڪ ۾ وڏو ايمان افروز مدني گل آهي، اهو هي ته ميدانِ محشر ۾ شفاعت تمام گهڻا ماڻهو ڪندا * شفاعتِ ڪبريٰ اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو خاصو آهي يعني شروع ۾ شفاعت جو دروازو حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ئي کوليندا * ان کان پوءِ ٻيا انبياءِ ڪرام عَلَیْهمُ السَّلَام به شفاعت ڪندا * فرشتا به شفاعت ڪندا * عالِمَ به شفاعت ڪندا * شهيدَ به شفاعت ڪندا* حاجي به شفاعت ڪندا * باعمل حافظَ به شفاعت ڪندا.
پر مديني پاڪ حاضري ڏيڻ واري جو شان ئي نرالو آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ زَارَ قَبْرِي وَجَبَتْ لَهُ شَفَاعَتِي يعني جيڪو منهنجي قبر جي زيارت ڪري ان لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي وئي.[1]
هتي لفظ شَفَاعَتِي آهي، ان جو مطلب اهو ٿيندو ته روضي پاڪ جي زيارت ڪندڙ جي شفاعت عالِمَ نه ڪندا، ملائڪَ نه ڪندا، شهيدَ نه ڪندا، حاجي يا حافظ نه ڪندا بلڪه ان جي شفاعت خود تاجدارِ انبياء، رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمائيندا.[2]
سُبْحٰنَ الله! هي به وڏي سعادت آهي ته حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن خود شفاعت فرمائن ڇو ته شفاعتِ مصطفيٰ جو انداز ئي نرالو هوندو، ان جو لطف ئي نرالو هوندو، ان جو ذوق ئي نرالو هوندو، اعليٰ حضرت امامِ اهلِ سنت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:
کیا ہی ذوق افزا شفاعت ہے تمہاری واہ واہ قرض لیتی ہے گنہ پرہیز گاری واہ واہ([3])