Mujrim Bulaye Aaye Hain

Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain

کعبہ کا نام تک نہ لیا طیبہ ہی کہا

پوچھا تھا ہم سے جس نے کہ نَھْضَت کدھر کی ہے([1])

وضاحت: يعني جڏهن مون کان پڇيو ويو ته ڪيڏانهن جو ارادو آهي ته مون اهو نه چيو ته مان حج ڪرڻ وڃي رهيو آهيان، يا ڪعبي جي زيارت لاءِ وڃي رهيو آهيان بلڪه منهنجو هڪ ئي جواب هو، اهو ته مان سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي پاڪيزه ديار طيبه شريف وڃي رهيو آهيان.

مديني ۾ مرڻ جي خواهش

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي مديني جو عشق نصيب فرمائي! مدينهءِ منوره جي يادن ۾ تڙپڻ گهرجي، مديني جي حاضري جي لاءِ بيقرار رهڻ گهرجي، سرزمينِ مدينه جي اهميت جو اندازو ان مان لڳايو ته اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنهن کان ٿي سگهي اهو مديني ۾ مري، ڇو ته مان مديني وارن جي شفاعت ڪندس.[2]

 محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عشق رسول به ڪمال هو، جڏهن مديني پاڪ حاضري ٿي، ته سندن ڪجھ وار ۽ ننهن شريف مديني پاڪ ۾ دفن ڪري ڇڏيا ۽ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ عرض ڪيائون: يَا رَسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مديني پاڪ ۾ مرڻ ته منهنجي اختيار ۾ ناهي، البت پنهنجي جسم جا ڪجھ اجزا دفن ڪري وڃي رهيو آهيان ته اسان غريبن لاءِ اهو ئي غنيمت آهي.[3]

طیبہ میں مر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند              سیدھی سڑک یہ شہرِ شفاعت نگر کی ہے([4])

وضاحت: اي زائرينِ مدينه! انهيءَ دروازي تي عمر گذاري ڇڏيو، جيڪڏهن قسمت ۾ هتي ئي موت نصيب ٿي ويو ته خوشخبري آهي ته طيبه ۾ مرڻ سڌو جنت جو رستو آهي.


 

 



[1]... حدائق بخشش، صفحہ:203۔

[2]...ترمذی، ابواب المناقب...الخ، باب فی فضل المدینۃ، صفحہ:878، حدیث:3920۔

[3]... حیاتِ مُحدِّث اعظم پاکستان، صفحہ:155۔

[4]... حدائق بخشش، صفحہ: 222۔