Mujrim Bulaye Aaye Hain

Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain

وضاحت: مطلب اهو آهي ته آقا و مولا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن روزِ قيامت ميدانِ محشر ۾ جڏهن ماڻهن جي شفاعت فرمائي رهيا هوندا ته سندن شفاعت فرمائڻ جو انداز، ان جو لطف ۽ ان جو ذوق اهڙو نرالو هوندو ته اهي ماڻهو جيڪي بخشيل بخشايل آهن، جن گناھ نه ڪيا هوندا، جيڪي بغير حساب جي جنت ۾ داخلي جا حقدار هوندا، جيڪي پرهيزگار هوندا، اهي ان ذوق افزا شفاعت کي ڏسي حسرت ڪندا ته ڪاش! اسان کي به شفاعتِ مصطفيٰ نصيب ٿئي ها.

بهرحال! حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو جيڪو ٻانهو روضهءِ پُر نور جي زيارت ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري ٿو، ان کي ڪنهن ٻئي جي نه بلڪه خود حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شفاعت نصيب ٿيندي، سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

نيت صرف زيارتِ اقدس جي رکو!

 حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ جَاءَنِي زَائِرًا جيڪو منهنجي بارگاھ ۾ زيارت لاءِ حاضر ٿيو لَا تُعْمِلُهٗ حَاجَةٌ اِلَّا زِيَارَتِي ان کان علاوه ان کي ڪا حاجت نه هجي (يعني نه تجارت لاءِ آيو، نه ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ آيو) صرف ۽ صرف منهنجي زيارت لاءِ مديني پاڪ پهتو كَانَ حَقّاً عَلَيَّ اَنْ اَكُونَ لَهٗ شَفِيعاً يَوْمَ الْقِيَامَةِ مون تي حق آهي ته مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪيان[1]

قيامت جي ڏينهن آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڙو ملندو

 هڪ روايت ۾ فرمايائون: كَانَ فِي جِوَارِي يَوْمَ الْقِيَامَةِ يعني جيڪو خاص منهنجي زيارت لاءِ مدينهءِ منوره پهتو اهو قيامت جي ڏينهن منهنجي جوارِ رحمت ۾ هوندو.[2]


 

 



[1]... معجم اوسط، من اسمہ عبدان، جلد:3، صفحہ:266، حدیث:4546 ۔

[2]... شُعب الایمان، باب فی المناسک، فضل الحج والعمرۃ، جلد:3، صفحہ:488، حدیث:4152۔