Mujrim Bulaye Aaye Hain

Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain

الله پاڪ اسان کي عشقِ مدينه نصيب فرمائي، شوقِ مدينه نصيب فرمائي، ڪاش! مدينهءِ منوره ۾ بار بار، بار بار حاضري ٿئي، آخرڪار بقيعِ پاڪ ۾ 2 گز زمين ملي وڃي، الله پاڪ اسان سڀني کي عشقِ مدينه، ذوقِ مدينه، ذڪرِ مدينه، فڪرِ مدينه، يادِ مدينه جي دولت نصيب فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

مدني قاعدہ (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدہ (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن حرف يا جنهن لفظ تي ڪِلڪ (Click) ڪندا، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تلفظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطي جي نشاندھي)

مسئلو: پير جو آڱوٺو کڻڻ يا ڦٿڪائڻ سان نماز ناهي ٽٽندي.

وضاحت: هي عوام ۾ پکڙيل تمام گهڻي مشهور غلط فهمي آهي. ماڻهو سمجهندا آهن ته نماز ۾ ساڄي پير جو آڱوٺو ڦٿڪي وڃي يا پنهنجي جاءِ تان کَڄي وڃي ته نماز ٽٽي ويندي آهي، ڪي ته هن معاملي ۾ ايتري سختي ڪندا آهن جو چوندا آهن: نماز ۾ ساڄي پير جو آڱوٺو ايئن هئڻ گهرجي، ڄڻ ان ۾ ڪِل ٺوڪي وئي هجي. الۡاَمَان والحفيظ. هي درست مسئلو ناهي.