Mujrim Bulaye Aaye Hain

Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain

جَآءُوْکَ

محبوب صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جن جي دامنِ ڪرم ۾ پناھ وٺي وٺو! جن جي نافرماني ڪئي آهي، انهن جي ئي قدمن ۾ حاضر ٿي وڃو! ڪنهن لاءِ؟ گناھ جي سزا پائڻ لاءِ؟ نه...!! نه، بلڪه

لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا  رَّحِیْمًا (۶۴)

يعني هتي پهچي توبه قبول ٿيندي، توهان جا گناھ بخشيا ويندا، وڌيڪ ڪرم مٿان ڪرم اهو ته الله پاڪ جي رحمت ۽ مهرباني نصيب ٿي ويندي.

مجرم بُلائے آئے ہیں جَآءُوْکَ ہے گواہ

پھر رَد ہو کب یہ شان کریموں کے در کی ہے([1])

وضاحت: يعني گنهگار جيڪي مديني پهتا ته خود پنهنجي مرضيءَ سان نه آيا، ربِ ڪائنات جَآءُوْکَ فرمائي هن درِ پاڪ تي اچڻ جو حڪم ڏنو آهي، هتي اچڻ جو سڏ مليو آهي، تڏهن آيا آهن ۽ سخي ماڻهن جي هيءَ شان ناهي ته پنهنجي در تي سڏي خالي هٿين واپس موٽائي ڇڏين.

تجھ سے چھپاؤں مُنہ تو کروں کس کے سامنے

کیا اور بھی کسی سے تَوَقع نظر کی ہے([2])

وضاحت: اي حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان کان منهن لڪائي مان ڪنهن جي سامهون پنهنجون حاجتون کڻي ويندس، ڪير منهنجو ڪارو منهن ڏسندو، توهان کان سواءِ هن دنيا ۾ اسان جو ڪير آهي؟ جنهن کان اسان مهرباني ۽ توجه جي اميد رکون، جيڪو اسان جون خالي جهوليون ڀري سگهي؟ نه توهان کان سواءِ اسان جو ڪو به ناهي.

مجرم سڏيا ويا آهن...!

 مسلمانن جا چوٿان خليفا، حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: تاجدارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ظاهري دنيا


 

 



[1]... حدائق بخشش، صفحہ: 205 ۔

[2]... حدائق بخشش، صفحہ: 226 ۔