Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
آپ ہی اسباب آقا پِھر مُہَیّا کیجئے پھر دِکھا دیجے مدینے کے مَنَاظِر یانبی! ([1])
مديني شريف جي حاضري واجب جي ويجهو آهي
فرمانِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو خلاصو آهي: سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي روضهءِ پُر نور تي حاضري ۽ اتان جي مٽيءَ کي چمڻ جي سعادت سڀني مستحبات کان اعظم ۽ اهم بلڪه واجب جي ويجهو آهي.[2]
جذبُ الۡقلوب ۾ شيخِ محقق علامه عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نقل ڪن ٿا: جڏهن ڪو مسلمان زيارت جي نيت سان مدينهءِ منوره ايندو آهي ته فرشتا رحمت جي تحفن سان ان جو استقبال ڪندا آهن.[3]
لاکھوں قدسی ہیں کامِ خدمت پر
لاکھوں گِردِ مزار پِھرتے ہیں ([4])
وضاحت: يعني حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت لاءِ لکين ملائڪَ حاضر رهندا آهن ۽ لکين ملائڪَ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي روضهءِ پُر نور جي چوڌاري چڪر لڳائيندا رهندا آهن.
سُنَنِ دارِ قُطۡنِي ۾ روايت آهي: الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول، بي بي آمنه جي گل صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ زَارَ قَبْرِي وَجَبَتْ لَهُ شَفَاعَتِي جنهن منهنجي قبر جي زيارت ڪئي ان لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي وئي.[5]
طیبہ میں مر کے ٹھنڈے چلے جاؤ آنکھیں بند سیدھی سڑک یہ شہرِ شفاعت نگر کی ہے