Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
نماز ۾ پير جو آڱوٺو ڄاڻي واڻي کَڄي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ کَڄي وڃي، ان سان نماز تي ڪو اثر نٿو پوي. مفتي خليل احمد خان برڪاتي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: آڱوٺو، چاهي آڱر بلڪه پير جو پورو پنجو جيڪڏهن پنهنجي جاءِ تان کڄي وڃي يا سرڪي وڃي ته ان سان نماز ناهي ٽٽندي. اصل ۾ هي مسئلو سجدي سان لاڳاپيل آهي، سجدي ۾ پير جي هڪ آڱر جو پيٽ زمين تي ڄمڻ فرض، هر پير جي 3 آڱرين جو پيٽ ڄمڻ واجب ۽ ٻنهي پيرن جي سڀني آڱرين جو پيٽ زمين تي لڳڻ سنت آهي.([1]) افسوس! ماڻهو سجدي ۾ هن مسئلي کان غفلت ڪندا آهن. الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اَسۡمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
يَا بَاسِطُ
جيڪو ڪو روزانو 40 ڀيرا يَا بَاسِطُ پڙهندو رهندو، خلق کان بي پرواھ ٿيندو (يعني ماڻهن جي محتاجي کان بچندو) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم