Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
۾ لٿڙيل، مٿي کان پيرن تائين گناهن ۾ ٻڏل، توهان جو غلام حاضرِ درٻار آهي، بخشش جي خيرات گهران ٿو.
میں کر کے ستم اپنی جاں پر قرآن سے جَآءُوْکَ سُن کر
آیا ہوں بہت شرمندہ سا سرکار توجہ فرمائیں، سرکار توجہ فرمائیں
اَسْئَلُکَ الشَّفَاعَۃَ يَا رَسُوْلَ اﷲ
يَارسولَ الله! مان توهان کان شفاعت جي خيرات گهران ٿو.
اَسْئَلُکَ الشَّفَاعَۃَ يَا رَسُوْلَ اﷲ
يَارسولَ الله! مان توهان کان شفاعت جي خيرات گهران ٿو.
اَسْئَلُکَ الشَّفَاعَۃَ يَا رَسُوْلَ اﷲ
يَارسولَ الله! مان توهان کان شفاعت جي خيرات گهران ٿو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
مديني پاڪ جي حاضري لاءِ جلدي ڪيو!
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
وَ لَوْ اَنَّہُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَہُمْ جَآءُوْکَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰہَ وَ اسْتَغْفَرَ لَہُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا (۶۴)
(سيپارو: 5، سوره نسآء: 64)
ترجموڪنزُ العرفان: ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها ته ضرور الله کي گهڻو توبھ قبول ڪرڻ وارو مهربان لهن ها.
ان مان پتو پيو! مديني پاڪ ۾ روضهءِ مصطفيٰ جي سامهون حاضر ٿي وڃڻ سان مغفرت جي خيرات ملندي آهي. ٻئي هنڌ الله پاڪ فرمائي ٿو: