Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
ٿي ويو، حضرت محمد بن حرب هلالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن مان سمهي پيس ته خواب ۾ سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي زيارت سان مُشرف ٿيس، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مون کي فرمايو: اِلْحَقِ الرَّجُلَ فَبَشِّرْہٗ اَنَّ الله َتَعَاليٰ قَدْ غَفَرَ لَہٗ بِشَفَاعَتِیْ يعني هن اعرابي سان مل ۽ ان کي خوشخبري ٻڌاءِ ته الله پاڪ منهنجي شفاعت جي برڪت سان تنهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي آهي.[1]
سَر گُزشتِ غم کہوں کس سے تِرے ہوتے ہوئے
کس کے در پر جاؤں تیرا آستانہ چھوڑ کر
بخشوانا مجھ سے عاصِی کا رَوا ہو گا کسے
کس کے دامن میں چھپوں دامن تمہارا چھوڑ کر([2])
امت جي حق ۾ هاڻي به ڪرم فرمائن ٿا
سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! انهن ٻنهي واقعن تي غور ڪريو! انهن مان واضح پتو پوي ٿو ته اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي امت سان ڪيتري محبت فرمائن ٿا * ڪيترا رحيم آهن * ڪيترا ڪريم آهن * ٿورو سوچيو ته سهي! جڏهن اسان جا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا ۾ تشريف فرما هئا، تڏهن به رَبِّ هَبْ لِي اُمَّتِي سندن زبان تي هو * جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، امت جي غم ۾ غمگين رهندا هئا * جڏهن ظاهري دنيا کان پردو فرمايائون، تڏهن به رَبِّ هَبْ لِي اُمَّتِي سندن زبان تي هو * ۽ هاڻي جڏهن ته مزار مبارڪ ۾ تشريف فرما آهن، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هاڻي به حيات آهن * ڪرم به فرمائن ٿا * گنهگارن جي بخشش به ڪرائن ٿا