Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
اهڙا هوندا آهن آقا...!! پر منافق بدبخت هئا، انهن کي ڇا خبر ته دعاءِ مصطفيٰ ڪيتري عظيم نعمت آهي، هي بدبخت اٿي نه بيٺا، نه توبه ڪيائون، نه پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعاءِ مغفرت جا حقدار بڻيا، ان موقعي تي هيءَ آيتِ ڪريمه نازل ٿي:[1]
الله پاڪ ارشاد فرمايو:
وَ لَوْ اَنَّہُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَہُمْ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا.
هي قرآنِ ڪريم جو پيارو انداز آهي: قرآنِ ڪريم ۾ عموماً گناھ کي ظُلْم عَلَي النَّفْس (يعني پنهنجي جان تي ظلم) چيو ويو آهي، ان ۾ اسان لاءِ هي سبق آهي ته گناھ ڪرڻ وارو ڪنهن جو ڪجھ نٿو بگاڙي بلڪه اهو پنهنجو پاڻ کي جهنم جو حقدار بڻائي خود پنهنجي مٿان ئي ظلم ڪري ٿو.
وڌيڪ هن مقام تي لفظِ اِذۡ ارشاد فرمايو، ان جي معنيٰ ٿيندي آهي: جڏهن[2] يعني قيامت تائين لاءِ هي سبق آهي ته ڪو ٻانهو، اهو ڪٿي به هجي، دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ هجي، اهو جڏهن به ڪڏهن گناھ ڪري پنهنجي مٿان ظلم ڪري ويهي.... ته ڇا ڪري؟ فرمايائون:
جَآءُوْکَ
ترجمو ڪنزُ العرفان: ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها
حاضر ٿي ڪري ڇا ڪري؟
فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰہَ وَ اسْتَغْفَرَ لَہُمُ الرَّسُوْلُ
ترجمو ڪنزُ العرفان: پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها
يعني اهو ٻانهو خود به الله پاڪ کان مغفرت جي دعا گهري ۽ محبوبِ رحمٰن، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي شفاعت فرمائن: