Mujrim Bulaye Aaye Hain

Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain

کان پردو فرمائڻ کانپوءِ اڃا 3 ڏينهن گذريا هئا، هڪ بدوي (يعني ڳوٺاڻو) مزارِ پُر انوار تي حاضر ٿيو، ان پنهنجو پاڻ کي قبرِ منور تي ڪيرائي ڇڏيو ۽ مزار جي پُر نور مٽي پنهنجي مٿي تي وڌي ۽ عرض ڪيائين: يَا رَسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪو ڪجھ توهان الله پاڪ کان ٻڌو آهي، اهو اسان توهان کان ٻڌو آهي، يَا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَوْ اَنَّہُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَہُمْ جَآءُوْکَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰہَ وَ اسْتَغْفَرَ لَہُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا  رَّحِیْمًا (۶۴)

(سيپارو: 5، سوره نسآء: 64)

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها ته ضرور الله کي گهڻو توبھ قبول ڪرڻ وارو مهربان لهن ها

ان اعرابي عرض ڪيو: يَا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون پنهنجي مٿان ظلم ڪيو آهي (يعني مون کان گناھ ٿي ويو آهي) ۽ توهان جي بارگاھِ بي ڪس پناھ ۾ حاضر ٿيو آهيان ته جيئن توهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي لاءِ استغفار (يعني دعاءِ مغفرت) فرمايو.

سُبْحٰنَ الله! آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ڪرم تان قربان وڃجي! هيڏانهن اعرابي عرض ڪيو ئي هو ته هوڏانهن قبرِ انور مان آواز آيو: قَدْ غُفِرَ لَکَ، تنهنجا گناھ بخشيا ويا آهن.[1]

مجرم بُلائے آئے ہیں جَآءُوْکَ ہے گواہ               پھر رَد ہو کب یہ شان کریموں کے در کی ہے

بخشش جو پروانو ملي ويو

اهڙي ئي هڪ روايت علامه ابن جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن عيونُ الحڪايات ۾ به نقل ڪئي آهي: حضرت محمد بن حرب هلالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيان ڪن ٿا: هڪ ڀيري مان روضهءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي حاضر هيس، مون ڏٺو!


 

 



[1]... کنز العمال، کتاب الاذکار، جز:2، جلد:1، صفحہ:166، حدیث:4319۔