Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 5، سوره نِسَآء جي آيت: 64 مان هڪ حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هيءَ تمام گهڻي اميد ڏياريندڙ آيتِ مبارڪه آهي، هن مقدس، مبارڪ آيت ۾ اسان گنهگارن کي بخشش ۽ مغفرت حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو ٻڌايو ويو آهي. آيتِ ڪريمه جو مفهوم ڇا آهي؟ ان مان اسان کي ڪهڙا ڪهڙا سبقَ سکڻ لاءِ ملن ٿا؟ اچو! ٻڌون ٿا:
علمِ تفسير جا ماهر علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هڪ ڀيري بدبخت منافقن، جان کان عزيز آقا، رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خلاف سازش ڪئي.
الله پاڪ انهن بدبختن کي برباد ڪري، ڪهڙيون ڪهڙيون جسارتون ڪندا هئا! خير! انهن بيوقوفن سازش رچائي ۽ دل ۾ برو ارادو کڻي بارگاھِ رسالت ڏانهن هليا، هيڏانهن هي بري ارادي سان هليا، هوڏانهن حضرت جبريلِ امين عَلَیْهِ السَّلَام بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ويا ۽ منافقن جي بُڇڙي ارادي جي اطلاع عرض ڪئي. پوءِ جڏهن اهي منافق بارگاھِ رسالت ۾ پهتا، ان وقت مهاجرين ۽ انصار صحابه ڪرام عَلَیْهِمُ الرِّضْوَان جو مجمعو لڳل هو، دل جا ارادا ڄاڻڻ وارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ڪجھ ماڻهو هن مجلس ۾ تمام بڇڙي ارادي سان آيا آهن، انهن کي گهرجي ته اٿي بيهن، اخلاص سان توبه ڪن، اسان به انهن لاءِ دعاءِ مغفرت ڪنداسين.[1]
سُبْحٰنَ الله! ڪهڙي نرالي ڪرم نوازي آهي...!! مجرم آيا آهن، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم انهن کي دعاءِ مغفرت جي پيشڪش فرمائي رهيا آهن. واھ...!!
وہ نبیوں میں رحمت لقب پانے والا مُرادیں غریبوں کی بَر لانے والے
مصیبت میں غیروں کے کام آنے والا وہ اپنے پرائے کا غم کھانے والا
خطا کار سے درگزر کرنے والا بَدْاَنْدیش کے دِل میں گھر کرنے والا