Book Name:Mujrim Bulaye Aaye Hain
هڪ اعرابي (يعني عرب جو ڳوٺاڻو) (Villager of Arabs) حاضرِ درٻار ٿيو ۽ حضورِ انور، شافعِ محشر، محبوبِ ربِ اڪبر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي بارگاھِ بي ڪس پناھ ۾ عرض ڪيائين: يَا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ توهان تي جيڪو سچو ڪتاب نازل فرمايو، ان ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَوْ اَنَّہُمْ اِذْ ظَّلَمُوْۤا اَنْفُسَہُمْ جَآءُوْکَ فَاسْتَغْفَرُوا اللّٰہَ وَ اسْتَغْفَرَ لَہُمُ الرَّسُوْلُ لَوَجَدُوا اللّٰہَ تَوَّابًا رَّحِیْمًا (۶۴)(سيپارو: 5، سوره نسآء: 64)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جانين تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته اي حبيب! اوهان جي بارگاھ ۾ حاضر ٿين ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول (به) انهن جي مغفرت جي دعا فرمائن ها ته ضرور الله کي گهڻو توبھ قبول ڪرڻ وارو مهربان لهن ها
ان اعرابي هيءَ آيت پڙهڻ کان پوءِ عرض ڪيو: اي منهنجا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان پنهنجن گناهن جي معافي لاءِ توهان جي درٻار ۾ حاضر ٿيو آهيان، توهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجو شفيع (يعني شفاعت ڪندڙ) بڻايان ٿو.
اهو چئي اهو عاشقِ رسول اعرابي روئڻ لڳو ۽ ان جي زبان تي هي شعر جاري ٿي ويا:
يَا خَيْرَ مَنْ دُفِنَتْ باِلْقَاعِ اَعْظُمُهٗ فَطَابَ مِنْ طِيْبِهِنَّ الْقَاعُ وَالْاَكَمْ
رُوْحِی الْفِدَاءُ لِقَبْرٍ اَنْتَ سَاكِنُهٗ فِيْهِ الْعِفَافُ وَفِيْهِ الْجُوْدُ وَالْكَرَمْ
ترجمو: اي اها بهترين ذات! جن جو مبارڪ وجود هن زمين ۾ دفن ڪيو ويو ته ان جي عمدگي ۽ پاڪيزگي سان ميدان ۽ ٽڪريون معطر ٿي ويون. منهنجي جان فدا هجي ان قبرِ انور تي جنهن ۾ توهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آرام فرما آهيو، جنهن ۾ پاڪ دامني، سخاوت ۽ عفو و ڪرم جو اڻ کُٽ خزانو آهي.
اهو عاشقِ رسول ڪافي دير تائين روئيندي انهن شعرن جي تڪرار ڪندو رهيو پوءِ پنهنجن گناهن جي معافي گهرندو آلين اکين سان رخصت