Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
هڪ غير مسلِم مفڪر هو، ان کي ڪنهن مسلمان چيو: توهان ايترا صاحبِ نظر آهيو، عقل رکو ٿا، پوءِ مسلمان ڇو نٿا ٿيو؟ ان تي غير مسلم اهڙو ته عبرتناڪ جواب ڏنو جو ان کي ٻڌي هر غيرت مند مسلمان جو شرم سان ڪنڌ جھڪي وڃي، غير مسلم چيو: جڏهن مان ان اسلام کي ڏسان ٿو جيڪو مسلمانن جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته منهنجي دِل ۾ اسلام جي حقّانيت (يعني سچّائي) جو چراغ روشن ٿي وڃي ٿو، منهنجي دِل چاهيندي آهي ته مان هن مقدّس ڪتابن کي سڄي زِندگي سيني سان لڳائي رکان پر جڏهن مان اُن اسلام کي ڏسان ٿو جنهن تي اڄڪلھ جا مسلمان عمل ڪري رهيا آهن ته منهنجي دِل اسلام کان بيزار ٿي وڃي ٿي۔([1])
بن گئے تنکے نشیمن کے قفس کی تیلیاں بَن گیا کیا؟ ہم چلے تھے کیا بنانے کے لئے
وضاحت: گھر ٺاهڻو هو، قيد خانو بڻجي ويو، اسان بڻائي ڇا رهيا هئاسين؟ ۽ ڇا بڻجي ويو؟ مطلب هي ته اسان اُبتي راھ جا مسافر ٿي ويا آهيون، ٿيڻ ته هي کپي ها جو اسان ٻين جي لاءِ زِندگي جو نمونو بڻجون ها، اسان جي سبب اسلام کي ترقي ملي ها پر ابتو هي ڇا ٿي ويو جو ماڻهو اسان جي سبب اسلام کان نفرت ڪرڻ لڳا۔
امت مسلمه جي هڪ اهم ترين ذميداري
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ
(پاره:4،سورۂ آلِ عمران:110)
ترجموڪنز العرفان: (اي مسلمانو!) توهان ڀلي اُمت آهيو جيڪا ماڻهن (جي هدايت) جي لاءِ ظاهر ڪئي وئي، توهان ڀلائي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ بُرائي کان منع ڪندا آهيو