Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
نه ڪيون، بلڪه قرآن و سنت جي تعليم حاصل ڪيون، ان تي عمل ڪيون، پنهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت کي عملاً اپنايون، ڪاش! اسان سنتن جي هلندڙ ڦرندڙ تصوير بڻجي وڃون.
یامصطَفےٰ! گُناہوں کی عادَتیں نکالو جذبہ مجھے عطا ہو سنّت کی پَیروی کا([1])
اُمّت مسلمه جي اهميت ۽ فضيلت
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ئي ڏينهن بعد جشن آزادي اچڻ واري آهي. هن موقعي تي هي ضروري آهي ته اسان پنهنجي اهميت کي سمجهون، اسان ڪير آهيون؟ ۽ ڇو آهيون؟ ان تي غور ڪيون.
ٿوري پنهنجي اهميت تي نگاھ وجهون! حضرت ابوهريره رَضِیَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، مديني جي سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن حضرت سيّدنا موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام تي تورات شريف نازل ٿيو ته پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام هن پياري آسماني ڪتاب جي تلاوت ڪئي ته ان ۾ هڪ امت جا فضائل پڙهيا، هي فضائل پڙهي ڪري بارگاھِ الٰهي ۾ حضرت موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: ”اي منهنجا مولا! مون تورات ۾ هڪ اهڙي اُمّت جو تذڪرو ڏٺو آهي جن جون دُعائون قبول ٿينديون ۽ انهن جي حق ۾ دعائون قبول ڪيون وينديون، انهن جي سفارش قبول ٿيندي ۽ انهن جي حق ۾ سفارش قبول ڪئي ويندي۔ اهو چئي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: الٰهي! انهن کي منهنجي اُمّت بڻائي ڇڏ. الله پاڪ ارشاد فرمايو: اي موسٰي! اها احمدِ مجتبيٰ، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت آهي۔
حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي ربّ ڪريم! مون تورات ۾ اهڙي اُمّت جو ذڪر ڏٺو آهي جو جڏهن اهي ڪو نيڪ ڪم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪندا ته انهن جي لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي ۽ جڏهن اهي نيڪ ڪم ڪري وٺندا ته انهن جي لاءِ 10 نيڪيون لکيون وينديون ”اي منهنجا پروردگار! تون انهن کي منهنجي