Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

اُمَّت بڻاءِ۔“  اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: ”اي موسٰي! اها اَحمدِ مجتبيٰ، محمدِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت آهي۔

جڏهن حضرت موسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام هن امت جا هيترا فضائل پڙهي ورتا ٻڌي ورتا جيڪي  اللہ  پاڪ سيدُالانبياء، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ اُنهن جي اُمَّت کي عطا فرمايا آهن ته چوڻ لڳا: یَا رَبِّ فَاجْعَلْنِیْ مِنْ اُمَّۃِ اَحْمَد يعني اي الله پاڪ! جڏهن امت احمد ايتري وڏي فضيلت واري آهي ته مون کي به احمد مجتبي محمد مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو امتي بڻائي ڇڏ.[1]

الله اڪبر! This is our value هي آهي اسان جي قدر، اسان جي اهميت....!! ٿورو اسان پنهنجي ڪردار، پنهنجي اخلاق، پنهنجي عادتن تي غور ڪيون، ڇا اسان هنن فضيلتن، اهميتن جي اهليت رکون ٿا...؟ افسوس! افسوس!  

چِہ کُنَمْ قیمتے خُوْد نَمِی دَانے

ترجمو: افسوس! ڇا ڪجي...!! توهان پنهنجي قيمت ئي نٿا ڄاڻو..!!

اُمّت مسلمه آخري اُمّت ڇو ؟

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪڏهن اوهان غور ڪيو آهي ته هن امت کي آخري اُمّت ڇو بڻايو ويو آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک 24 هزارانبياءِ ڪرام تشريف کڻي آيا، سڀني جون اُمتون هيون، اسان کي الله پاڪ امتِ مصطفيٰ ۾ پيدا فرمايو، هن امت کي آخري امت بڻايو، اسان جا آقا موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجن سڀني کان آخري نبي آهن، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بعد هاڻي قيامت تائين ڪو نبي نه ايندو ۽ اسان کان بعد ڪا امت ناهي. اسان آخري امت آهيون، هاڻي هن کان بعد قيامت ئي ايندي. آخر هن ۾ ڇا حڪمت آهي؟ هن امت کي آخري امت ڇو بڻايو ويو؟


 

 



[1] جزءفیہ من احادیث الامام ابی نعیم ، حدیث:1 ،صفحہ:28 ملتقطًا۔