Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

وارو) نه آيو. هاڻي حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام کي فرمايو ويندو: اي نوح اوهان وٽ ڪو گواھ آهي؟ حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪندا: هائو! ربّ ڪريم! محمد مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن امت منهنجي گواھ آهي. (بس پوءِ هي امت گواهي ڏيندي ته اي الله ڪريم! حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام سچ چون ٿا،)  انهن (تنهنجو) پيغام پڄايو هيو.[1]

هڪ روايت ۾ آهي:  شان واري رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: قيامت جي ڏينهن جنهن نبي جي امت به جهٽلائيندي(يعني چوندي ته موليٰ! انهن تنهنجو پيغام نه پڄايو)، اسان ان جي حق ۾ گواهي ڏينداسين.[2]

امّت مسلمه دنيا ۾ به گواھ آهي

حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي؛ هڪ ڀيري هڪ جنازو گذريو، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ مرڻ واري جي تعريف ڪئي، ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو؛ وَجَبَت ان جي لاءِ واجب ٿي وئي. پوءِ هڪ ٻيو جنازو گذريو، ان جي متعلق صحابه ڪرام جا تاثرات سٺا نه هئا، ان تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: وَجَبَت ان جي لاءِ به واجب ٿي وئي. پوءِ فرمايائون: جنهن ميت جي حق ۾ توهان ڀلائي جي گواهي ڏيو، ان جي لاءِ جنت واجب آهي ۽ جنهن جي حق ۾ توهان برائي جي گواهي ڏيو ان جي لاءِ جهنم واجب آهي، اَنْتُمْ شُہَدَاءُ اللہِ فِی الْاَرْضِ توهان زمين ۾ الله پاڪ جا گواھ آهيو.[3]

پيارا اسلامي ڀائرو!  الله اڪبر! This is our value هي آهي اسان جي قدر، اسان جي اهميت....!! هي امت قيامت جي ڏينهن انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي حق ۾ گواهي ڏيندي، دنيا ۾ هي امت جنهن جي حق ۾ چڱائي جي گواهي ڏئي ڇڏي ان جي لاءِ جنت واجب ڪئي ويندي آهي. هي ڪيتري اهميت جي ڳالھ آهي...!!


 

 



[1] بخاری،کتاب التفسیر،باب و کذلک جعلنکم امۃ…الخ،صفحہ:1113 ،حدیث:

[2] تفسیر در منثور،پارہ:2 ،البقرہ،زیرِ آیت :143 ،جلد:1 ،صفحہ:349

[3] مسلم،کتاب الجنائز،باب فیمن یثنی علیہ …الخ،صفحہ:341 ،حدیث:949 ملتقطًا۔