Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
اچو! ڪجھ حڪمتون ٻڌون ٿا، هن مان اسان کي پنهنجي اهميت جي خبر پوندي، پنهنجي قدر و قيمت معلوم ٿيندي، پنهنجي منصب ۽ ذميوارين جو پتو پوندو.
(1) پهرين حڪمت: اُمّتِ مسلمه کي گواھ بڻايو ويو
الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو:
وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ (پارہ:2، البقرۃ:143)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهڙي طرح اسان توهان کي بهترين امت بڻايو ته جيئن توهان ماڻهن تي گواهه هجو.
هي امتِ مسلمه جي آخري اُمّت هجڻ جي حڪمت آهي، جيڪڏهن اُمّت کي پهرين امت بڻايو وڃي ها ته ظاهر آهي، هي امت پنهنجي بعد ۾ اچڻ وارن جي گواهي نه ڏئي سگهي ها، تنهنڪري هن اُمّت کي آخري امت بڻايو ويو ته جيئن هي امت پوئين امتن تي گواھ بڻجي سگهي.
قيامت جي ڏينهن امتِ مسلمه جي گواهي
بخاري شريف ۾ حديث شريف آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ
وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن حضرت
نوح عَلَيۡهِ
السَّلَام کي سڏيو ويندو، اهي چوندا لَبَّیْکَ یَارَبِّ! اي الله پاڪ مان حاضر آهيان. انهن کان پڇيو ويندو: ڇا اوهان
اسان جا احڪام پنهنجي امت تائين پهچائي ڇڏيا! اهي عرض ڪندا: جي ها! موليٰ! مون
احڪام پهچائي ڇڏيا. پوءِ سندن امت کان پڇيو ويندو: ڇا توهان تائين اسان جا احڪام
پهچايا ويا. اهي بدبخت ڪافر(جن کي حضرت نوح
عَلَيۡهِ السَّلَام 950 سال تبليغ
فرمائيندا رهيا، قيامت جي ڏينهن صاف انڪار ڪري ڇڏيندا ۽ چوندا:) مَا اَتَانَا مِنْ نَّذِیْرٍ اسان وٽ ته ڪو ڊيڄارڻ
وارو(احڪامِ الٰهي پڄائڻ