Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon

پاڪستان الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي. * هي آزاد اسلامي ملڪ آهي، شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا؛ اسلامي احڪامن تي عمل ڪرڻ جي لحاظ کان جيتري آزادي پاڪستان ۾ آهي، اوتري آزادي ڪنهن ٻي ملڪ ۾  ڏٺي ناهي. * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پاڪستان ڪَثيرُالمساجِد ملڪ آهي، هتي محلي محلي ۾ مسجدون موجود آهن * پاڪستان حاجين جو ملڪ آهي، هرسال حج تي هڪ وڏي تعداد پاڪستاني عاشقانِ رسول جي به هوندي آهي. * پاڪستان حفاظِ ڪرام جو ملڪ آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جي ملڪ عزيز ۾ لکين حافظ سڳورا موجود آهن. * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پاڪستان اولياءِ ڪرام جي سرزمين آهي، هزارين اولياءِ ڪرام هن پاڪ سرزمين تي آرام فرمائي رهيا آهن. * پاڪستان ۾ داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن. * پاڪستان ۾ بابا فريد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن، * پاڪستان ۾ عبدالله شاھ غازي آهن. * پاڪستان ۾ بهاؤالدين زڪريا ملتاني آهن. * پاڪستان ۾ شاھ رڪن عالم آهن. * پاڪستان ۾ شهباز قلندر آهن. * پاڪستان ۾ بابا بُلي شاھ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم آهن ۽ ٻيا به ڪيئي اولياءِ ڪرام هتي آرامي آهن. * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! پاڪستان علماءِ ڪرام جي سرزمين آهي، ڪيترائي فيضانِ رضا تقسيم ڪرڻ وارا جيّد عالم سڳورا هتي آرامي آهن. * مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن. * محدث اعظم پاڪستان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن. * علامه سعيد ڪاظمي شاھ صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هتي آهن. * ايئن اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جو هي پيارو ملڪ اولياءِ جي سرزمين آهي. عالمن سڳورن جي سرزمين آهي. * عاشقانِ رسول جي سرزمين آهن. ساداتِ ڪرام جي سرزمين آهي، ديني لحاظ کان، دنياوي لحاظ کان هن پاڪ سرزمين جون ٻيون به کوڙ ساريون خوبيون آهن. هي تمام وڏي الله پاڪ جي نعمت آهي.